وزيراعظم پاران اورڪزئي ۽ خيبر ضلعن ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن ۾ 24 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪباد

اسلام آباد-6 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اورڪزئي ۽ خيبر ضلعن ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي 24 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي انهن کي مبارڪباد ڏني آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل …

اسلام آباد-6 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اورڪزئي ۽ خيبر ضلعن ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي 24 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي انهن کي مبارڪباد ڏني آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته عزم ۽ استحڪام جي وزن تحت دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ  اڻٿڪ عزم ۾ مون سميت پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.

مزید خبریں