اسلام آباد - 05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان گڏيل تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن تي ٻڌل ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي کي وچ ايشيا ۽ پاڪستاني سامونڊي بندرگاهن جي وچ ۾ علائقائي رابطن جو هڪ اهم محرڪ قرار ڏنو آهي ۽ کاڻين جي کوٽائي، توانائي، دفاع، سياحت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ …
وزيراعظم شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه، ٻطرفي لاڳاپن سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان گڏيل تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن تي ٻڌل ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي کي وچ ايشيا ۽ پاڪستاني سامونڊي بندرگاهن جي وچ ۾ علائقائي رابطن جو هڪ اهم محرڪ قرار ڏنو آهي ۽ کاڻين جي کوٽائي، توانائي، دفاع، سياحت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪندي ٻطرفي واپار کي 2 ارب آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم هائوس ۾ جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف جي آجيان ڪئي. وزيراعظم هائوس اچڻ تي ازبڪستان جي صدر جي اعزاز ۾ سرڪاري آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. آجياڻي واري تقريب کانوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ انفرادي ملاقات ٿي ۽ ان کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڳالهه ٻولهه دوران اڳواڻن گڏيل تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن تي ٻڌل ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن بشمول واپار ۽ سيڙپڪاري، علائقائي رابطن، تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا تي خصوصي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جيڪي ٻنهي ملڪن جي لاءِ گڏيل دلچسپي ۽ ڳڻتي جو سبب آهن. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطحي رابطن ۾ اضافي ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي اداراجاتي نظام تحت باقاعده اجلاسن تي اطمينان جو اظهار ڪندي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪنسلٽيٽو ڪائونسل جي فعال ٿيڻ جي آجيان ڪئي جيڪا قيادت پاران ڪيل فيصلن تي موثر عملدرآمد کي ممڪن بڻائيندي. اهو نظام وزيراعظم محمد شهباز شريف جي فيبروري 2025ع ۾ تاشقند جي دوري دوران قائم ڪيو ويو هو. ٻنهي اڳواڻن وزيراعظم جي تاشقند جي دوري کانپوءِ طئي ٿيندڙ روڊ ميپ تي عملدرآمد جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. علائقائي رابطن جي حوالي سان ٻنهي اڳواڻن روڊ، ريل، فضائي ۽ سامونڊي تعاون جي فروغ جي لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبو وچ ايشيا ۽ پاڪستاني سامونڊي بندرگاهن جي وچ ۾ علائقائي رابطن جو هڪ اهم محرڪ آهي. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون کي اجاگر ڪندي ٻنهي اڳواڻن کاڻين جي کوٽائي، توانائي، دفاع، سياحت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي واپار کي 2 ارب آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سرڪاري ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن اسلام آباد ۾ تاشقند اسٽريٽ ۽ بابر پارڪ جي يادگاري تختين جي نقاب ڪشائي ڪئي. معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن ۽ مٽاسٽا واري تقريب جي موقعي تي ٻنهي اڳواڻن جمهوريه ازبڪستان جي صدر جي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي نتيجن بابت گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ واپار ۽ سيڙپڪاري، کاڻين جي کوٽائي، صحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، تعليم، تحقيق، سامونڊي تعاون ۽ راندين جي شعبن ۾ مجموعي طور تي 28 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۾ صدر شوڪت مرزائيوف جي غيرمعمولي خدمتن ۽ خطي ۾ امن ۽ ترقي جي فروغ جي لاءِ سندس ڪوششن جي اعتراف ۾ وزيراعظم کيس نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) پاران اعزازي ڊاڪٽريٽ آف فلاسافي ۽ اعزازي پروفيسر جو سرٽيفڪيٽ عطا ڪيو. ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻنهي اڳواڻن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته معاهدي ۽ گڏيل پڌرنامي تي صحيحون پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ تعاون جا نوان موقعا پيدا ڪنديون. صدر شوڪت مرزائيوف پاڪستان ۾ قيام دوران فراهم ڪيل مهمان نوازي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا ادا ڪيا. هن وزيراعظم کي ايندڙ سال تاشقند ۾ ٿيندڙ پاڪستان – ازبڪستان هاءِ ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني.











