اسلام آباد - 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف اسلام آباد ۾ تاشقند اسٽريٽ ۽ بابر پارڪ جي ٻن يادگاري تختين جي رونمائي ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلام آباد جي سيڪٽر ايف ٽين جي هڪ رستي کي تاشقند اسٽريٽ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف …
وزيراعظم شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف پاران اسلام آباد ۾ تاشقند اسٽريٽ ۽ بابر پارڪ جي ٻن يادگاري تختين جي رونمائي

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف اسلام آباد ۾ تاشقند اسٽريٽ ۽ بابر پارڪ جي ٻن يادگاري تختين جي رونمائي ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلام آباد جي سيڪٽر ايف ٽين جي هڪ رستي کي تاشقند اسٽريٽ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف ايف ٽين جي رستي کي تاشقند اسٽريٽ جي نالي سان منسوب ڪرڻ جي يادگاري تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي. ان کانسواءِ اسلام آباد جي سيڪٽر ايف سيون ۾ بابر پارڪ تعمير ڪيو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف ايف سيون ۾ بابر پارڪ جي تعمير جي تختي جي پڻ نقاب ڪشائي ڪئي. اسلام آباد ۾ رستي کي تاشقند اسٽريٽ جي نالي سان منسوب ڪرڻ ۽ ايف سيون ۾ بابر پارڪ جي تعمير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاس آهي.











