ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف پاران گلوبل انڊسٽريل اينڊ ڊفينس سلوشنز جو سرڪاري دورو

راولپنڊي-05 جنوري (اي پي پي) جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف پنهنجي سينئر وزيرن سان گڏ پاڪستان جي سرڪاري دوري دوران گلوبل انڊسٽريل اينڊ ڊفينس سلوشنز (جي آءِ ڊي ايس) جو سرڪاري دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير معزز مهمان ۽ وفد جو شاندار استقبال ڪيو ۽ کين گلوبل انڊسٽريل اينڊ ڊفينس سلوشنز جو …

راولپنڊي-05 جنوري (اي پي پي) جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف پنهنجي سينئر وزيرن سان گڏ پاڪستان جي سرڪاري دوري دوران گلوبل انڊسٽريل اينڊ ڊفينس سلوشنز (جي آءِ ڊي ايس) جو سرڪاري دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير معزز مهمان ۽ وفد جو شاندار استقبال ڪيو ۽ کين گلوبل انڊسٽريل اينڊ ڊفينس سلوشنز جو دورو ڪرايو. دوري دوران ازبڪستان جي صدر کي جي آءِ ڊي ايس جي مختلف دفاعي ۽ صنعتي پورٽ فوليو تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ جديد دفاعي نظام، صنعتي صلاحيتن ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل منصوبا شامل هئا. وفد اهم پيداواري يونٽس جو معائنو ڪيو ۽ مختلف دفاعي مصنوعات جو مشاهدو ڪيو جيڪي پاڪستان جي مقامي پيداوار ۽ صنعتي ترقي ۾ وڌندڙ مهارت جي عڪاس آهن. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ دفاع، ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين حصيداري، علم جي مٽاسٽا ۽ گڏيل منصوبن کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن دوري کي پاڪستان ۽ جمهوريه ازبڪستان وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ويو.

مزید خبریں