اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي)سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري ڀائرن سان گڏ سندن جدوجهد ۾ بيٺل آهي ته جيئن کين گڏيل قومن طرفان واعدو ڪيل حق خود اراديت حاصل ٿي سگهي. هو اسلام آباد ۾ پاڪستان ايڪس سروس مين سوسائٽي(پي اي ايس ايس) ۽ اوورسيز پاڪستانين جي سهڪار سان منعقد يوم يڪجهتي ڪشمير جي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي …
پاڪستان ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، گڏيل قومن طرفان ڪيل واعدي تي عمل ڪيو وڃي: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ

مزید خبریں
اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي)سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري ڀائرن سان گڏ سندن جدوجهد ۾ بيٺل آهي ته جيئن کين گڏيل قومن طرفان واعدو ڪيل حق خود اراديت حاصل ٿي سگهي. هو اسلام آباد ۾ پاڪستان ايڪس سروس مين سوسائٽي(پي اي ايس ايس) ۽ اوورسيز پاڪستانين جي سهڪار سان منعقد يوم يڪجهتي ڪشمير جي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته 2017ع ۾ برهان واني جي شهادت کانپوءِ جنهن سان ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ عالمي سطح تي ٻيهر اجاگر ٿي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد جنهن ۾ هو پاڻ ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم به شامل هئا. ڪشمير مسئلي کي عالمي برادري سامهون اجاگر ڪرڻ لاءِ برطانيه يو، هن چيو ته اوورسيز پاڪستانين ڪشميري عوام جي حق خود اراديت جي ڀرپور حمايت ڪئي. هن مئي 2025ع ۾ ڀارت ٿيل تڪرار جو حوالو ڏيندي، جنهن کي پاڪستان حق جي ويڙهه قرار ڏنو، چيو ته اها پاڪستان جي هڪ وڏي ڪامياب ۽ فيصلائتي فتح هئي، هن زور ڀريو ته رڳو عسڪري طاقت ڪافي ناهي پر ان سان گڏ معاشي بحالي ۽ قومي هم آهنگي به ضروري آهي. سيمينار جي پڄاڻي تي هن چيو ته اووسيز پاڪستاني ڪشميري عوام کي سندن جائز حق خود اراديت ڏيارڻ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. سيمينار ۾ مشهور اوورسيز پاڪستانين، اڳوڻن فوجي آفيسرن، پارليامينٽرينز ۽ سينئر صحافين شرڪت ڪئي.











