پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڀرپور اظهار، جلسا، جلوس، ريليون، سيميناز ۽ ٻيون تقريبون منعقد

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پاڪستاني مشنز ۽ پاڪستاني ۽ ڪشميري برادري پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي ڀرپور اظهار لاءِ  جلسا، جلوس، ريليون، سيميناز ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون، عالمي برادري آڏو ڀارتي انساني حقن جي ڀڇڪڙين کي اجاگر ڪيو ويو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستان هر فورم تي ڪشميري …

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پاڪستاني مشنز ۽ پاڪستاني ۽ ڪشميري برادري پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي ڀرپور اظهار لاءِ  جلسا، جلوس، ريليون، سيميناز ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون، عالمي برادري آڏو ڀارتي انساني حقن جي ڀڇڪڙين کي اجاگر ڪيو ويو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستان هر فورم تي ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.  ڀارتي ظلمن جي مذمت ۽ ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۽ آزاد ڄمون ڪشمير (اي جي ڪي) ۾ ريليون، انساني زنجيرون، امن واڪ ۽ خصوصي دعائن سان اهو ڏينهن ملهايو ويو. سڄي ملڪ ۾ صبح 10 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي جنهن کانپوءِ ڪشميري عوام جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي سائرن وڄايا ويا. مختلف تقريبن سميت سيمينارز، جلوس ۽ ميڊيا مهم سڄي ملڪ ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ ڪشميرين لاءِ پاڪستان جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي جدوجهد تي زور ڀريو ويو. سياسي اڳواڻن تڪرارن جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد تي زور ڀريندي ڪشميرين جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ان ڏينهن جي مناسبت سان عوامي ميڙاڪا، ڪشمير جي شهيدن لاءِ دعائون ۽ والاريل وادي ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف احتجاج ڪيو ويو. ان حوالي سان وفاقي گادي واري شهر ۾ خاص تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں