اسلام آباد - 05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان گڏيل پڌرنامي سميت واپار، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ غذائي تحفظ، کاڻين جي کوٽائي، دفاعي تعاون، ماحولياتي تبديلي، رانديون ۽ ثقافت، دواسازي، منشيات جي خاتمي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جي 29 معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون آهن. ان سلسلي ۾ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف جي دوري دوران خصوصي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ وزيراعظم محمد …
پاڪستان ۽ ازبڪستان گڏيل پڌرنامي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي 29 معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان گڏيل پڌرنامي سميت واپار، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ غذائي تحفظ، کاڻين جي کوٽائي، دفاعي تعاون، ماحولياتي تبديلي، رانديون ۽ ثقافت، دواسازي، منشيات جي خاتمي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جي 29 معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون آهن. ان سلسلي ۾ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف جي دوري دوران خصوصي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف شرڪت ڪئي، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون ۽ مٽاسٽا ڪئي جنهن کانپوءِ مفاهمت جي ڪيترين ئي يادداشتن ۽ معاهدن تي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل وزيرن جي وچ ۾ دستاويزن جي مٽاسٽا ٿي. ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي معاملن وارين وزارتن جي وچ ۾ 2028 – 2025ع جي لاءِ تعاون جي معاهدي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ازبڪستان جي صدر جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار، پري فيرنشل ٽريڊ ايگريمينٽ تحت گڊز لسٽ جي توسيع جي پروٽوڪول تي واپار واري وزير ڄام ڪمال ۽ ازبڪستان جي سيڙپڪاري ۽ واپار واري وزير، ٽيڪسٽائيل ۽ ملبوسات جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون جي معاهدي تي واپار واري وزير ڄام ڪمال ۽ ازبڪستان جي لائٽ انڊسٽري جي ترقي جي لاءِ قائم اداري جي ڊائريڪٽر، کاڻين جي کوٽائي ۽ جيو سائنس جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ پيٽروليم ڊويزن واري وزارت ۽ ازبڪستان جي مائننگ ۽ جيو سائنس جي صنعت جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ازبڪستان جي کاڻين جي کوٽائي ۽ جيالوجي جي وزير، سزا يافته ڏوهارين جي مٽاسٽا/ حوالگي جي معاهدي تي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ ازبڪستان جي صدر جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار، منشيات جي روڪٿام جي لاءِ تعاون جي معاهدي تي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ ازبڪستان جي صدر جي صلاحڪار، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل وزارتن ۾ مفاهمت جي يادداشت تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزير شزه فاطمه خواجه ۽ ازبڪستان جي سيڙپڪاري ۽ واپار واري وزير، سائنسي تعليم، ڪلچرل ۽ آرڪيٽيڪچرل هيرٽيج جي تحفظ ۽ تحقيق ۽ فروغ جي لاءِ معاهدي تي قومي ثقافت ۽ ورثي واري وزير اورنگزيب کچي ۽ ازبڪستان جي ثقافت واري وزير، ثقافت جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل وزارتن ۾ تعاون جي معاهدي تي وفاقي وزير اورنگزيب کچي ۽ ازبڪستان جي ثقافت واري وزير، پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل، پي اي آر سي ۽ ازبڪستان جي زراعت واري وزارت جي وچ ۾ ايم او يو تي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ ازبڪستان جي زراعت واري وزير، تازي ميون جي درآمد جي لاءِ فائٽو جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پلانٽ پروٽيڪشن جي شعبي ۾ پروٽوڪول تي ٻنهي ملڪن جي زراعت وارن وزيرن، فوڊ سيڪيورٽي جي لاءِ تعاون جي معاهدي تي پڻ ٻنهي ملڪن جي زراعت ۽ فوڊ سيڪيورٽي وارن وزيرن، ڪراچي، گوادر، پورٽ قاسم بندرگاهن تي ڪارگو ڪنٽينرز جي حوالي سان ميري ٽائيم ٽريڊ اينڊ پيري فيرنشل پورٽ ارينجمينٽس جي لاءِ ايم او يو تي سامونڊي معاملن واري وزير جنيد انوار چوڌري ۽ ازبڪستان جي سيڙپڪاري ۽ واپار واري وزير، دفاعي تعاون جي لاءِ ايڪشن پلان ۽ روڊ ميپ تي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ازبڪستان جي دفاع واري وزير، اين ڊي ايم اي ۽ ازبڪستان جي اڪالوجي ۽ ماحولياتي تبديلي بابت قومي ڪميٽي جي وچ ۾ اڪالوجي ۽ ماحولياتي تبديلي ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي شعبي ۾ ايم او يو تي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ازبڪستان جي دفاع واري وزير، اين ڊي ايم اي ۽ ازبڪستان جي هنگامي صورتحال جي وزارت جي وچ ۾ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ ايم او يو تي پڻ ٻنهي ملڪن جي دفاع وارن وزيرن، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ۾ سهولت جي لاءِ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۽ ازبڪستان جي اڪانومي ۽ فنانس واري وزارت جي وچ ۾ ايم او يو تي وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر ۽ ازبڪستان جي سيڙپڪاري ۽ واپار واري وزير، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ ازبڪستان جي فارماسيوٽيڪل مصنوعات جي لاءِ اسٽيٽ انسٽيٽيوشن سينٽر جي وچ ۾ فارماسيوٽيڪل مصنوعات جي ريگيوليٽري معاملن تي تعاون جي لاءِ ايم او يو تي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال ۽ ازبڪستان جي فارماسيوٽيڪل انڊسٽري ڊيولپمينٽ جي اداري جي ڊائريڪٽر، فزيڪل ڪلچر ۽ اسپورٽس جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۽ ازبڪستان جي ثقافت واري وزارت جي وچ ۾ ايم او يو تي بين الصوبائي رابطن واري وزير راڻا ثناءُ الله ۽ ازبڪستان جي سيڙپڪاري ۽ واپار واري وزير جي وچ ۾ صحيحون ٿيل دستاويزن جي مٽاسٽا ٿي ان کانسواءِ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ جن ايم او يوز ۽ معاهدن جو اعلان ٿيو انهن ۾ يونيورسٽي آف پشاور ۽ تاشقند يونيورسٽي آف اورينٽل اسٽڊيز جي وچ ۾ ايم او يو، انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۽ ازبڪستان جي اسٽريٽجڪ اينڊ ريجنل اسٽڊيز بابت انسٽيٽيوٽ جي وچ ۾ ايم او يو، پرڏيهي وزارت تحت انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز ۽ ازبڪستان اسٽريٽجڪ ۽ ريجنل اسٽڊيز بابت انسٽيٽيوٽ جي وچ ۾ پاڪستان ازبڪستان ايڪسپرٽ ڪائونسل قائم ڪرڻ جي لاءِ ايم او يو، پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ ازبڪستان جي انڊسٽريل، ريڊي ايشن ۽ نيوڪليئر سيفٽي ڪميٽي جي وچ ۾ ايم او يو، قومي احتساب بيورو ۽ ازبڪستان جي اينٽي ڪرپشن ايجنسي جي وچ ۾ ايم او يو، پشاور ۽ ترمز شهرن جي انتظاميا جي وچ ۾ حصيداري لاڳاپا قائم ڪرڻ جو معاهدو، اسلام آباد ۽ ثمرقند شهرن جي انتظاميا جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ايم او يو ۽ پاڪستان ازبڪستان جوائنٽ بزنس ڪائونسل قائم ڪرڻ جي لاءِ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز
آف ڪامرس ۽ ازبڪستان جي صنعتن جي وچ ۾ معاهدا پڻ شامل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل پڌرنامي کانسواءِ 21 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي مٽاسٽا ڪئي وئي جڏهن ته 8 وڌيڪ ايم او يوز جو اعلان پڻ ڪيو ويو.











