سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي ڪمبوڊيا جي قومي اسيمبلي جي صدر سان ملاقات

نوم پنه-05 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪمبوڊيا جي قومي اسيمبلي جي صدر  سامديچ مها راتسافيٺيڪا ٿيپادئي خوون سواڊري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻي ۽ مضبوط لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو ورجاءُ ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان حڪومت ۽ عوام جي طرفان ڪمبوڊيا جي قومي اسيمبلي ۽ ان جي قيادت لاءِ نيڪ تمنائن ۽ خير …

نوم پنه-05 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪمبوڊيا جي قومي اسيمبلي جي صدر  سامديچ مها راتسافيٺيڪا ٿيپادئي خوون سواڊري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻي ۽ مضبوط لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو ورجاءُ ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان حڪومت ۽ عوام جي طرفان ڪمبوڊيا جي قومي اسيمبلي ۽ ان جي قيادت لاءِ نيڪ تمنائن ۽ خير سگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن خوون سوڊاري کي ڪمبوڊيا جي قومي اسيمبلي جي پهرين عورت صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي ان کي صنفي برابري ۽ شموليتي قيادت کي هٿي ڏيڻ جو اهم سنگ ميل قرار ڏنو. سيد يوسف رضا گيلاني ڪمبوڊيا جي قيادت ۽ عوام کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ سياسي استحڪام تي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا جا لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽ گهڻ رخي فورمن تي ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. هن علائقائي تعاون ۽ پارلياماني سفارتڪاري ۾ ڪمبوڊيا جي فعال ڪردار کي ساراهيو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرشپ 26-2025ع) لاءِ پاڪستان جي حمايت تي ٿورو مڃيو. پارلياماني تعاون تي زور ڀريندي سينيٽ چيئرمين پارلياماني فرينڊشپ گروپس، اداره جاتي ڳالهين ۽ بين الپارلياماني فورمز خاص ڪري ايشيائي پارلياماني اسيمبلي ذريعي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سينيٽ چيئرمين ڪمبوڊيا سان پنهنجي ذاتي رابطن جو حوالو ڏيندي ايشيا پيسفڪ ڪمبوڊيا ڪانفرنس 2019ع ۾ شرڪت، اڳوڻي وزيراعظم هن سين سان ملاقاتن، جولاءِ 2023ع ۾ بين القوامي اليڪشن مبصر طور ڪمبوڊيا جي دوري ۽ تازي عالمي فورمن جي موقعي تي اعليٰ قيادت سان ملاقاتن کي پاڪستان جي ڏکڻ اوڀر ايشيا طرفان اسٽريٽجڪ سفارتي ڪارروائي جو مظهر قرار ڏنو.  ملاقات ۾ ڌرين واپار، سيڙپڪاري، ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، دفاعي ڳالهين، عوامي رابطن ۽ ثقافتي سفارتڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان جي گنڌارا تهذيب ۾ موجود ٻڌمت ورثي کي به ثقافتي رابطن جو اهم ذريعو قرار ڏنو ويو. سينيٽ چيئرمين ڪمبوڊيا سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي اعليٰ سطحي پارلياماني رابطن جي تسلسل کي امن، رابطاسازي ۽ جامع ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضروري قرار ڏنو.

مزید خبریں