اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي)بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته ڪشميري عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏئي رهيو آهي، عالمي برادري ان جو نوٽيس وٺي، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏنو وڃي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ ڪيو. بي آءِ ايس …
ڪشميري عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏئي رهيو آهي، عالمي برادري ان جو نوٽيس وٺي، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي حق خود اراديت ڏنو وڃي: سينيٽر روبينه خالد

مزید خبریں
اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي)بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته ڪشميري عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏئي رهيو آهي، عالمي برادري ان جو نوٽيس وٺي، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏنو وڃي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ ڪيو. بي آءِ ايس پي پاران جاري بيان ۾ هن چيو ته يوم يڪجهتي ڪشمير مظلوم ڪشميري عوام سان پختي حمايت جي عزم جو ورجاءُ جو ڏينهن آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، ڪشميري عوام ڪيترن کي ڏهاڪن کان ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏئي رهي آهي، عالمي برادري نوٽيس وٺي.سينيٽر روبينه خالد چيو ته گڏيل قومن يج قراردادن موجب ڪشميرين کي حق خود اراديت ڏنو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه ڪشميري عوام جي حق خود اراديت جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو عالمي سطح تي ڪشمير مسئلي کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪشميري عوام جي آواز دنيا تائين پهچائي رهيو آهي، صدر مملڪت آصف علي زرداري به ڪشميري عوام جي حقن لاءِ سفارتي حمايت جاري رکي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڪشميري عوام کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي. هن چيو ته يوم يڪجهتي ڪشمير شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام انساني وقار ۽ بنيادي حقن جي تحفظ جي مشن تي ڪاربند آهي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جمهوري، آئيني ۽ پرامن جدوجهد ذريعي ڪشمير ڪاز جي حمايت جاري رکندي.











