توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري پاران يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پيغام

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته يوم يڪجهتي ڪشمير، ڪشميري عوام سان پاڪستان جي مستقل، اصولي ۽ پختي يڪجهتي جي ورجاءُ جو ڏينهن آهي، هي ڏينهن ان اجتماعي عزم جي نشاني آهي ته ڪشميري عوام جي آزادي، وقار ۽ خود اراديت واري حق جي جائز جدوجهد پاڪستان لاءِ هميشه هڪ بنيادي ترجيح رهندي، جيئن گڏيل قومن جي لاڳاپيل …

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته يوم يڪجهتي ڪشمير، ڪشميري عوام سان پاڪستان جي مستقل، اصولي ۽ پختي يڪجهتي جي ورجاءُ جو ڏينهن آهي، هي ڏينهن ان اجتماعي عزم جي نشاني آهي ته ڪشميري عوام جي آزادي، وقار ۽ خود اراديت واري حق جي جائز جدوجهد پاڪستان لاءِ هميشه هڪ بنيادي ترجيح رهندي، جيئن گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۾ واضح طور تي تسليم ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي توانائي واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڏهاڪن کان جاري انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون عالمي ضمير لاءِ ڳڻتي جوڳيون آهن. هن چيو ته ڀارتي قابض فوج طرفان پيلٽ گنز جو استعمال، غير قانوني حراستون، زبردستي گمشدگيون، اظهار راءِ تي سخت پابنديون ۽ سياسي ۽ سماجي قيادت جون گرفتاريون انساني وقار ۽ عالمي قانونن جي سراسري ڀڃڪڙي آهن. اهڙي طرح آبادي جي تناسب ۾ تبديلي جون منظم ڪوششون ڪشميري عوام کي سندن سرزمين ۾ ڪمزور ڪرڻ جو هڪ واضح مثال آهن. سردار اويس احمد خان لغاري چيو ته آگسٽ 2019ع جا هڪطرفا ۽ غير قانوني ڀارتي قدم نه رڳو والاريل ڪشمير ۾ صورتحال کي وڌيڪ ڏکيو ڪيو پر پوري خطي ۾ عدم استحڪام ۽ ڇڪتاڻ ۾ به اضافو ڪيو آهي. اهي قدم ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي امڪانن کي شديد نقصان پهچائين ٿا. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي مڪمل ۽ غير مشروط حمايت جاري رکندو ۽ سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي سطح تي سندن جائز موقف جي ڀرپور وڪالت ڪندو رهندو. اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو پنهنجي ذميوارين کي نڀائيندي ڀارت کي انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي روڪڻ ۽ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ان موقعي تي اسان ڪشميري عوام جي عزم، استقامت ۽ لازوال قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ۽ ان وچن جي تجديد ڪريون ٿا ته جيستائين سندن بنيادي حق بحال ۽ سندن جائز خواهشون پوريون نٿيون ٿين تيستائين پاڪستان هر حال ۾ ۽ هر مرحلي ۾ ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل رهندو.

مزید خبریں