ڀارتي ظلمن باوجود ڪشميرين جو پاڪستان ۽ اسلام سان محبت جو رشتو قائم آهي، هڪ ڏينهن ڪشميرين جي جدوجهد ضرور رنگ آڻيندي: انجنيئر امير مقام

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي)ڪشمير ۽گلگت بلتستان جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ڀارتي ظلمن باوجود ڪشميرين جو پاڪستان ۽ اسلام سان محبت جو رشتو قائم آهي، هڪ ڏينهن ڪشميرين جي جدوجهد ضرور رنگ آڻيندي. يوم يڪجهتي ڪشمير جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير  سمورن مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن جو دل سان ٿورو مڃيندي چيو ته هڪ ڪلوميٽر تائين عوام جو وڏو ميڙ …

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي)ڪشمير ۽گلگت بلتستان جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ڀارتي ظلمن باوجود ڪشميرين جو پاڪستان ۽ اسلام سان محبت جو رشتو قائم آهي، هڪ ڏينهن ڪشميرين جي جدوجهد ضرور رنگ آڻيندي. يوم يڪجهتي ڪشمير جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير  سمورن مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن جو دل سان ٿورو مڃيندي چيو ته هڪ ڪلوميٽر تائين عوام جو وڏو ميڙ موجود آهي، اهڙي تقريب مون اڄ کان پهرين ڪڏهن ناهي ڏٺي، اوهان جو اڄوڪو ڏينهن جي مناسبت سان جوش ۽ جذبو ڏسي تمام گهڻو خوش آهيان. گذريل ڏينهن ڊي چوڪ ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي انجنيئر امير مقام چيو ته اڄ وڏي انگ ۾ ماڻهو جوش ۽ جذبي سان نڪتا آهن، هي جذبو ڏسي خبر پوي ٿي ته هي سڀ 10 مئي جو جذبو آهي جيڪو 10 مئي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قومي قيادت ۾ هو. هن چيو ته 10 مئي تي اسان ڏهوڻ تي وڏي دشمن کي شڪست ڏني، اڄ جي جذبي آڏو مودي بيهي نٿو سگهي. هن چيو ته هي عوام جو سمنڊ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آيو آهي، مظلوم ڪشميرين کي اڄ پيغام ڏيڻو آهي ته اوهان اڪيلا ناهيو. وفاقي وزير چيو ته ڄمون ڪشمير ۾ اسان جي ڀينرن ۽ ڀائرن گهڻو ظلم برداشت ڪري ورتو آهي، اسان جي ڀائرن جون شهادتون ٿي رهيون آهن، ڪيتريون ئي ڀينرون بيواهه ۽ يتيم ۽ بي گهر ٿي ويون آهن. هن چيو ته ڀارتي ظلمن باوجود ڪشميرين جو پاڪستان ۽ اسلام سان محبت جو رشتو قائم آهي ۽ هڪ ڏينهن ڪشميرين جي جدوجهد ضرورت رنگ آڻيندي. انجنيئر امير مقام چيو ته ڪشميري عوام ڄمي بيٺل آهي، آئون سمورن حريت اڳواڻن ۽ قيادت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن سڄي پاڪستان ۾ هر هنڌ ماڻهو وڏي انگ ۾ نڪتا آهن. هن چيو ته ڪشميري عوام جي جدوجهد هڪ ڏينهن ضرور رنگ آڻيندي، حريت ڪانفرنس جا ماڻهو ڪشمير ڪاز لاءِ پنهنجو گهر ٻار ڇڏي دنيا کي قربانين جو ڊگهو داستان ٻڌائي رهيا آهن. هن ڪشمير معاملن واري وزارت کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اڄ تمام وڏي تقريب منعقد ڪئي وئي آهي. انجنيئر امير مقام چيو ته ڪشمير جو مسئلو اسان کي زنجير وانگر ٻڌي سگهي ٿو، هن ڪشميري عوام کي پيغام ڏنو ته اوهان پنهنجي جدوجهد ۾ اڪيلا ناهيو، پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر رهندڙ هر پاڪستاني ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته 7 ڏهاڪن کان ڪشميري عوام ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ برداشت ڪري رهيو آهي، والاريل ڄمون ڪشمير ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿيا جڏهن ته هزارين ڪشميري جيلن ۾ شهيد ڪيا ويا ۽ لکين بي گهر ٿيا آهن. انجنيئر امير مقام چيو ته ٻن لکن کان وڌيڪ ڪشميرين جي گهرن کي ڊاٿو ويو آهي پر انهن سڀني ظلمن باوجود ڪشميري عوام جي دلين ۾ پاڪستان سان محبت زنده آهي. ڪشميرين قرباني ڏني پر ڪڏهن سرينڊر نه ڪيو. انجنيئر امير مقام يوم يڪجهتي ڪشمير تي ڪشميري عوام کي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪشمير کي آزادي ضرور ملندي، ڪشمير معاملو اها زنجير آهي جيڪا پوري پاڪستان کي متحد ڪري ٿي، اڄ ثابت ٿي ويو ته سياست پنهنجي جڳهه تي پر ڪشمير تي پوري قوم هڪ آهي. هن چيو ته ڪشمير معاملن واري وزارت جي يوم يڪجهتي ڪشمير ۾ ڀرپور ڪارڪردگي رهي آهي. پوري پاڪستان ۾ تقريبن ۽ ريلين جي موثر مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي، تقريبن ۾ تعليمي ادارن، سول سوسائٽي ۽ سرڪاري کاتن ڀرپور شرڪت ڪئي آهي. انجنيئر امير مقام چيو ته ٻار، نوجوان، استاد ۽ سرڪاري ملازم يڪجهتي ڪشمير ۾ اڳيان اڳيان آهن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير مظفرآباد ۾ مرڪزي تقريب جي قيادت ڪري رهيو آهي، جڏهن ته نائب وزيراعظم، وفاقي وزير ۽ پوري قيادت به مظفر آباد ۾ موجود آهي.

مزید خبریں