اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي)سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ڪشميري عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حق خود اراديت ڪشميري عوام جو بنيادي ۽ تسليم ٿيل حق آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي موجودگي عالمي قانونن جي سراسري ڀڃڪڙي آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو ته آگسٽ 2019ع ۾ هڪطرفن ڀارتي …
حق خود اراديت ڪشميري عوام جو بنيادي ۽ تسليم ٿيل حق، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي موجودگي عالمي قانونن جي سراسري ڀڃڪڙي آهي: وفاقي وزير خالد حسين مگسي

مزید خبریں
اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي)سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ڪشميري عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حق خود اراديت ڪشميري عوام جو بنيادي ۽ تسليم ٿيل حق آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي موجودگي عالمي قانونن جي سراسري ڀڃڪڙي آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو ته آگسٽ 2019ع ۾ هڪطرفن ڀارتي قدمن خطي ۾ عدم استحڪام کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو، ڪشميري عوام کي ڊگهي عرصي کان انساني حقن جي سنگين پائمالين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. خالد حسين مگسي چيو ته آبادياتي تبديلي، گهرن کي ڊاهڻ ۽ ڊجيٽل پابنديون حقيقتن کي دٻائڻ جي ڪوشش آهن، مذهبي ماڳن کي نشانو بڻائڻ ۽ ادارن جي نگراني مذهبي تعصب کي ظاهر ڪري ٿي. هن چيو ته عالمي برادري پنهنجي ذميواري نڀائيندي انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي سطح تي ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکندو.











