اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) يوم يڪجهتي ڪشمير تي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه ڪشميري عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته خوداراديت وارو حق ڪشميري عوام جو بنيادي آهي. انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو ته ڪشمير ۾ ڀارت جي موجودگي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي …
وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه پاران يوم يڪجهتي ڪشمير تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) يوم يڪجهتي ڪشمير تي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه ڪشميري عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته خوداراديت وارو حق ڪشميري عوام جو بنيادي آهي. انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو ته ڪشمير ۾ ڀارت جي موجودگي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، ڪشميري عوام کي ڊگهي عرصي کان انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي درپيش آهي، عالمي برادري پنهنجي ذميواري پوري ڪري. هن چيو ته پاڪستان سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي سطح تي ڪشميري عوام جي مڪمل ۽ پختي حمايت جاري رکندو. وفاقي وزير چيو ته 5 فيبروري جو ڏينهن صرف هڪ تاريخ ناهي پر هي عالمي واعدي جي يادگيري آهي، ڪشميرين جي حق کي ياد رکڻ اسان جو فرض آهي.











