اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين راڻا قاسم نون گذريل ڏينهن 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي ڪشمير مسئلي لاءِ پاڪستان جي سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري تي زور ڀريو ته ڀارت طرفان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري ڀڃڪڙين کي نظر ۾ رکندي ان مسئلي کي حل ڪري. ڊي چوڪ ۾ ڪشمير ريلي کي …
ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين راڻا قاسم نون پاران ڪشمير مسئلي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين راڻا قاسم نون گذريل ڏينهن 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي ڪشمير مسئلي لاءِ پاڪستان جي سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري تي زور ڀريو ته ڀارت طرفان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري ڀڃڪڙين کي نظر ۾ رکندي ان مسئلي کي حل ڪري. ڊي چوڪ ۾ ڪشمير ريلي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب سندن حق خوداراديت جي حمايت ڪري ٿو. هن انساني حقن جي عالمي تنظيمن ۽ عالمي ادارن تي زور ڀريو ته ڪشميري عوام جي امنگن جي عڪاسي ڪندڙ آزاداڻي، غير جانبداراڻي ۽ منصفاڻي راءِ شماري کي سهولت فراهم ڪن. هن 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ ٿيل اڳڀرائي کي تنقيد جو نشانو بڻايو، جنهن ۾ ڀارت طرفان آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ، فوجي موجودگي ۾ اضافو، شهري آزادين تي پابنديون ۽ ڪشميري نوجوانن کي اعليٰ تعليم تائين پهچ ۾ درپيش چئلينجز شامل آهن. هن حراست هيٺ ڪشميري سياسي اڳواڻن جي آزادي ۽ خطي جي اڳوڻي آئيني حيثيت کي بحال ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو. پارلياماني سيڪريٽري چوڌري انور الحق ان موقعي تي خطاب ڪندي ڪشميرين لاءِ پاڪستان جي سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن ۽ گڏيل قومن جي ادارن تي زور ڀريو ته هو ان مسئلي جي حل لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي مسلسل اٿاريو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ عالمي قانون ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن حل ضروري آهي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته علائقائي استحڪام جو ڪشمير مسئلي جي حل سان گِهرو تعلق آهي. هنن سياسي ۽سفارتي ذريعن کان ڪشميرين جي حمايت لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو.











