وزيراعظم شهباز شريف پاران آپريشن ردالفتنه جي ڪاميابي تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن ۽ پاڪ فوج جي قيادت کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فتنه الهندستان پاران بلوچستان جي امن کي سبوتاز ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ردالفتنه جي ڪاميابي تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن ۽ پاڪ فوج جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آپريشن دوران بلوچستان …

اسلام آباد- 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فتنه الهندستان پاران بلوچستان جي امن کي سبوتاز ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ردالفتنه جي ڪاميابي تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن ۽ پاڪ فوج جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آپريشن دوران بلوچستان جي امن ۽ ترقي جي دشمنن جي چيلهه ٽوڙڻ ۽ مجموعي طور تي 216 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف دهشتگردن جي معصوم شهرين جي خلاف ڪاررواين دوران عورتن ۽ ٻارن سميت 36 ماڻهن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ملڪ جي حفاظت کي پنهنجي جان تي فوقيت ڏيندي شهادت ماڻيندڙ 22 سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي قرباني ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي، بزدل دهشتگردن جي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي بلوچستان جي امن کي سبوتاز ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کي سدائين خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بلوچستان جي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي دهشتگردن اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته اهي بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوام جا دشمن آهن، دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين انهن جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم ۾ مون سميت پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.

مزید خبریں