اسلام آباد- 05 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عورتن ۽ نوجوانن جي استقامت کي خراج تحسين پيش ڪندي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي ۽ خودمختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب پنهنجي پيغام ۾ خاتون اول ڪشميري …
خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاران ڪشميري عورتن ۽ نوجوانن جي استقامت کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عورتن ۽ نوجوانن جي استقامت کي خراج تحسين پيش ڪندي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي ۽ خودمختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب پنهنجي پيغام ۾ خاتون اول ڪشميري عورتن جي تڪليفن ۽ حوصلي طرف ڌيان ڇڪرايو. هن چيو ته عورتون بنيادي انساني حقن جي خلاف قابض فوج جي جنگ ۾ پهرين صف تي آهن. انهن جي گهرڀاتين جون اجتماعي قبرون هڪ وسيع تر ۽ ڀيانڪ حقيقت جو رڳو هڪ رخ آهي. هن چيو ته پوري برادرين تي مڙهيل خاموشي، منظم تشدد ۽ والاريل واديءَ جي عورتن جي خلاف وحشياڻي حملن جي ذريعي لاڳو ڪئي پئي وڃي. ان جي باوجود والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جون عورتون دنيا جي هڪ تڪراري خطي ۾ جاري ڊگهي ترين ۽ بي رحم نئين آبادياتي تسلط جي خلاف مزاحمت ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندي ڄمي بيٺل آهن. خاتون اول ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلسل انساني حقن جي خلاف ورزين خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن تي انهن جي اثرن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته جتي عورتن کي ڌمڪيون ۽ نقصان درپيش آهن، اتي ٻار ڊگهي مشڪلاتن جي ڇانوَ ۾ پرورش ڪري رهيا آهن جيڪا انهن جي زندگين تي گهرا اثر ڇڏي رهي آهي. ڪشميري نوجوانن کي مخاطب ڪندي بي بي آصفه ڀٽو زرداري آزادي جي تحريڪ کي برقرار رکڻ ۾ انهن جي اهم ڪردار کي ساراهيو ۽ انهن کي اميد نه هارڻ جي تلقين ڪئي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جا نوجوان عالمي سطح تي پنهنجي ڪشميري هم عمرن جو آواز بڻجندا رهندا. خاتون اول ياد ڏياريو ته 5 فيبروري کي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي طور ملهائڻ جي شروعات 36 سال اڳ سندس والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪئي هئي ۽ چيو ته پاڪستان جي عوام اڄ به ڪشميري عوام جي جائز جدوجهد ۾ انهن سان گڏ مضبوطي سان بيٺل آهي. پاڪستان جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪندي هن عالمي برادري ۽ گڏيل قومن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل تي آهي جيڪو ڪشميري عوام جي خواهشن موجب هجڻ گهرجي.











