پاڪستان ۽ قازقستان سياسي ۽ معاشي شعبن سميت علائقائي ڊومين ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ مضبوط عزم رکن ٿا: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ قازقستان سياسي ۽ معاشي شعبن سميت علائقائي ڊومين ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ مضبوط عزم رکن ٿا، پاڪستان امن، ڪنيڪٽيويٽي ۽ پائيدار ترقي جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قازقستان سان ويجهي حصيداري عمل جي لاءِ تيار آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار جمهوريه قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف سان …

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ قازقستان سياسي ۽ معاشي شعبن سميت علائقائي ڊومين ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ مضبوط عزم رکن ٿا، پاڪستان امن، ڪنيڪٽيويٽي ۽ پائيدار ترقي جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قازقستان سان ويجهي حصيداري عمل جي لاءِ تيار آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار جمهوريه قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر ۾ هڪ خصوصي پروقار تقريب ۾ صدر پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ ۾ خدمتن جي اعتراف ۾ قازقستان جي صدر کي نشان پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو. ٻنهي صدرن جي وچ ۾ پهرين نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي جنهن دوران اهم ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وفدن جي سطح تي تفصيلي ملاقات ٿي. قازقستان جي هم منصب سان ڳالهائيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، گڏيل قدرن ۽ علائقائي خوشحالي جي گڏيل ويزن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته صدر قاسم جومارت توڪائيووف جو هي دورو گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ قازقستان جي ڪنهن صدر جو پهريون پاڪستان جو دورو آهي، ٻطرفي لاڳاپن کي نئين روح بخشڻ ۽ سياسي خيرسگالي کي عملي نتيجن ۾ آڻڻ جو وقت سر موقعو فراهم ڪري ٿو جنهن جي لاءِ تعاون جي فروغ ۽ مضبوط اداراجاتي رابطا لازمي آهن. اقتصادي تعاون جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته جيتوڻيڪ تازن سالن ۾ ٻطرفي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي تنهن هوندي به اڃا به پنهنجي اصل صلاحيت کان گهٽ آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته واپاري ۽ اقتصادي تعاون 2025 – 2027ع بابت روڊ ميپ، ٽرانزٽ ٽريڊ، ڪسٽمز تعاون ۽ بئنڪاري بابت معاهدا عملي رڪاوٽن جي خاتمي ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ بزنس ٽو بزنس رابطن جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن توانائي، زراعت، معدنيات، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي پيداوار جهڙن شعبن ۾ پاڪستان جي سهولتن ۽ فريم ورڪس مان فائدو کڻڻ جي اهميت جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري پاڪستان – قازقستان لاڳاپن جي فروغ ۾ علائقائي رابطاسازي جي مرڪزي حيثيت کي اجاگر ڪيو. هن ريلوي ۽ رستن جي رابطن ۾ اڳڀرائي جي آجيان ڪندي ڪاسا ريلوي الائنمنٽ تي تعاون ۽ چار ڌريي ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ تحت رستن جي موثر استعمال جو حوالو ڏنو. هن چيو ته بهتر فضائي رابطن ۽ پاڪستاني بندرگاهن تائين پهچ سان مضبوط ڪنيڪٽيويٽي نه رڳو ٻطرفي واپار ۾ اضافو ڪندي پر وسيع تر علائقائي انضمام ۽ معاشي استحڪام ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي اڳواڻن وڏي انگ ۾ ٻطرفي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن ۽ گڏيل رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن جي آجيان ڪئي. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته اها اڳڀرائي ٻطرفي لاڳاپن کي نئين رفتار ڏيندي ۽ اقتصادي تعاون جي غيراستعمال ٿيل وسيع صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ مدد ڪندي. علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي صدر آصف علي زرداري، امن، مڪالمي ۽ عالمي قانون جي احترام جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ڏکڻ ايشيا ۽ وسيع تر خطي ۾ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته علائقائي چئلينجز جو حل ڇڪتاڻ بدران تعاون جي ذريعي ڳولڻ گهرجي. قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف چيو ته قازقستان پاڪستان سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ ان حصيداري کي علائقائي تعاون جو هڪ اهم ٿنڀ سمجهي ٿو. هن ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪنيڪٽيويٽي جي فروغ، اقتصادي تعاون ۾ وسعت ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان سان ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته سندس وفد ۾ قازقستان جا ناليوارا ڪاروباري اڳوڻ، جن ۾ ٽي ارب پتي شخصيتون به شامل آهن، شريڪ آهن. هن چيو ته ٻطرفي واپار کي هڪ ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ جو هدف حاصل ڪرڻ جوڳو آهي. هن قازقستان ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ سياحن جي انگ ۾ اضافي جي پڻ آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هي دورو پاڪستان – قازقستان لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ثابت ٿيندو. هن ڪنيڪٽيويٽي، اقتصادي تعاون ۽ علائقائي استحڪام جي گڏيل هدفن جي فروغ جي لاءِ ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. تفصيلي ملاقات ۾ قازقستان پاران پراسيڪيوٽر جنرل بيرڪ اسائيلوف، سامروڪ – قازينه جي ايس سي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نورلان زاڪوپوف، نائب وزيراعظم ۽ قومي معيشت وارو وزير سيرڪ رومانگارين، صدر جو عالمي معاملن وارو صلاحڪار ارنار لازر، پاڪستان ۾ قازقستان جو سفير يرزان ڪستافن، دفاع وارو وزير داورين ڪوسانوف، سائنس ۽ اعليٰ تعليم وارو وزير سياسات نوربيڪ، واپار وارو وزير ارمان شقاليئيف، ٽرانسپورٽ وارو وزير نورلان سوران بايوف ۽ صدر جو صلاحڪار ماگزم مرزاغايف شريڪ هئا. پاڪستان پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، سينيٽر شيري رحمان، قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين نيئر حسين بخاري ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ قازقستان ۾ پاڪستان جو سفير پڻ موجود هئا. بعد ۾ هڪ خصوصي پروقار تقريب ۾ صدر پاڪستان – قازقستان لاڳاپن جي فروغ ۾ خدمتن جي اعتراف ۾ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف کي نشان پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو، سفارتي ڪور جي ميمبرن ۽ پارليامينٽرينز شرڪت ڪئي جنهن کانپوءِ ايوان صدر ۾ خصوصي مهمان جي اعزاز ۾ آجياڻي جو اهتمام ڪيو ويو.

مزید خبریں