وفاقي ڪابينا جو اجلاس، وزيراعظم شهباز شريف پاران دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اقتصادي تعاون ڪميٽي جي 3 فيبروري، رياستي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 9 جنوري ۽ (قانوني معاملن) ۽ قانونسازي جي تصفيه (سي سي ايل سي) بابت ڪابينا ڪميٽي جي 29 جنوري جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم محمد …

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اقتصادي تعاون ڪميٽي جي 3 فيبروري، رياستي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 9 جنوري ۽ (قانوني معاملن) ۽ قانونسازي جي تصفيه (سي سي ايل سي) بابت ڪابينا ڪميٽي جي 29 جنوري جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت سمورن صوبن، لاڳاپيل اڪائين ۽ عوام جي حمايت سان ملڪ ۾ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ پوري قوم پاران ڪشميرين جي لاءِ يڪجهتي جو پيغام پيش ڪريون ٿا. هن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سان ملاقات بابت وفاقي ڪابينا کي آگاهه ڪيو ته ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ هم آهنگي تي مثبت ملاقات ٿي. بيان موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود مرحوم جي ايصال ثواب ۽ بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ شهرين، سيڪيورٽي فورسز جي جوانن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي مغفرت جي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي. بيان موجب وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته سمورن سرڪاري ادارن جي سربراهن پاران ڪابينا ۽ سمورين ذيلي ڪميٽين ۾ موڪلي ويندڙ سمريز ۾ مڪمل ڇنڊڇاڻ کانپوءِ حقيقتون لکيل آهن ۽ انهن ميٽنگز ۾ مجاز آفيسر بذات خود شرڪت ڪن. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اقتصادي تعاون ڪميٽي (اي سي سي) جي 3 فيبروري 2026ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي اصولي منظوري ڏني وئي، وفاقي ڪابينا رياستي ملڪيتي ادارن سان لاڳاپيل ڪابينا ڪميٽي جي 9 جنوري 2026ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ منظوري ڏني. ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا سي سي ايل سي جي 29 جنوري 2026ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن ۽ اقتصادي تعاون ڪميٽي جي 3 فيبروري، رياستي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 9 جنوري (قانوني معاملن) قانونسازي جي تصفيه سي سي ايل سي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 29 جنوري جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي اصولي منظوري ڏني. وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي خطاب ڪندي بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي ڏس ۾ ملڪ ۾ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي تي پاڪستان حڪومت ۽ پوري قوم پاران ڪشميرين جي لاءِ يڪجهتي جو پيغام ڏنو. وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سان ملاقات جو ذڪر ڪندي وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ هم آهنگي سان ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي بنگلاديش سان يڪجهتي جي اظهار ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت سان ٻطرفي مئچ نه کيڏڻ جي فيصلي کان پڻ آگاهه ڪيو. ان کانسواءِ وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي ڀائر ملڪن سان پاڪستان جي بهترين سفارتي لاڳاپن خاص طور تي قازقستان جي صدر جي تازي دوري ۽ ازبڪ صدر جي ايندڙ دوري بابت پڻ آگاهه ڪيو.

مزید خبریں