اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) هيڊڪوارٽرز جو اهم دورو ڪيو جتي هن نئين مقرر ٿيل ڊائريڪٽر جنرل(ڊي جي) ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور سان ملاقات ڪئي ۽ اداري جي ڪارڪردگي کي عالمي معيار مطابق بڻائڻ جي حوالي سان اهم هدايتون جاري ڪيون. گهرو وزير، ڊي جي ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور لاءِ نيڪ خواهشمن …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران ايف آءِ اي هيڊڪوارٽرز جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) هيڊڪوارٽرز جو اهم دورو ڪيو جتي هن نئين مقرر ٿيل ڊائريڪٽر جنرل(ڊي جي) ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور سان ملاقات ڪئي ۽ اداري جي ڪارڪردگي کي عالمي معيار مطابق بڻائڻ جي حوالي سان اهم هدايتون جاري ڪيون. گهرو وزير، ڊي جي ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور لاءِ نيڪ خواهشمن جو اظهار ڪندي چيو ته مون کي اميد آهي ته ڊاڪٽر عثمان انور جي سربراهي ۾ ايف آءِ اي هڪ مثالي ادارو بڻجندو. هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عثمان انور اداري کي عوام جي اميدن مطابق بدلاڻ لاءِ پنهنجون سموريون توانائيون ۽ صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندو. ملاقات دوران گهرو وزير، مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريندي چيو ته ايف آءِ اي کي هڪ جديد، مضبوط ۽ موثر ادارو بڻائڻ لاءِ منهنجي ڀرپور سپورٽ توهان سان گڏ آهي. ان موقعي تي ڊي جي ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور ، گهرو وزير کي يقين ڏياريو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ بهتر تربيت ذريعي ايف آءِ اي کي عالمي معيار تي آڻينداسين ۽ اداري ۾ بهتري لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا. گهرو وزير هيڊڪوارٽرز ۾ تعمير هيٺ ڪميٽي روم جو معائنو ڪيو ۽ ايف آءِ اي هيڊڪوارٽر کي جديد گهرجن مطابق نئين سر مرمت ۽ رنگ روغن جو فيصلو ڪيو. ان موقعي تي ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي، ڊي جي اين سي سي آءِ اي، آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ ايف آءِ اي جا ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا.











