ڪراچي-04 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته جمهوريت جي روشن مستقبل لاءِ جمهوري ادارن جي پرزائيڊنگ آفيسرن وچ ۾ ويجهن رابطن، جمهوري عمل ۾ نوجوانن جي شموليت ۽ جدت اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن هتي ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس ۽ ٻي گڏيل سي پي اي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل پارلياماني ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خاص مهمان …
جمهوريت جي روشن مستقبل لاءِ جمهوري ادارن جي پرزائيڊنگ آفيسرن وچ ۾ ويجهن رابطن، جمهوري عمل ۾ نوجوانن جي شموليت ۽ جدت اڻٽر آهي: سردار اياز صادق

مزید خبریں
ڪراچي-04 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته جمهوريت جي روشن مستقبل لاءِ جمهوري ادارن جي پرزائيڊنگ آفيسرن وچ ۾ ويجهن رابطن، جمهوري عمل ۾ نوجوانن جي شموليت ۽ جدت اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن هتي ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس ۽ ٻي گڏيل سي پي اي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل پارلياماني ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جي اهتمام هيٺ 3 فيبروري 2026ع کان 7 فيبروري 2026ع تائين منعقد ٿي رهي آهي. ڪانفرنس ۾ سي پي اي جي ميمبر ملڪن سان تعلق رکندڙ اسپيڪرز/پرزائيڊنگ آفيسرز، پارلياماني وفد، وزير، پارليامينٽ جا ميمبر، پاڪستان جي صوبائي ۽ قانون ساز اسيمبلين جا اسپيڪرز ۽ سي پي اي جا اعليٰ عملدار شرڪت ڪري رهيا آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سمورن عالمي نمائندن جي آجيان ڪندي سندن شرڪت کي گڏيل جمهوري قدرن ۽ پارلياماني يڪجهتي جو ثبوت قرار ڏنو. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته هو سينيٽ چيئرمين، چئني صوبائي اسيمبلين جي اسپيڪرز، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي قانونساز اسيمبلين جي اسپيڪرز سان باقاعدگي سان ملاقاتون ڪريون ٿا ته جيئن گڏيل تعاون کي هٿي ڏئي سگهجي، بين الصوبائي هم آهنگي مضبوط ٿئي ۽ جمهوري نظام کي مستحڪم ڪري سگهجي. هن ٻڌايو ته ماضي ۾ پاڪستان جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۽ قانونساز ادارن جا قاعدا مختلف هئا جڏهن ته گڏيل مشاورت سان هڪجهڙا قاعدا جوڙا جيڪي پارلياماني هم آهنگي جو هڪ اهم مثال آهي. سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس جي پليٽ فارم تان پنهنجي هم منصبن کي خطاب کي اعزاز قرار ڏيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته جمهوريت ۽ قانون جي بالادستي کي هٿي ڏيڻ رڳو گڏيل تعاون جي ذريعي ئي ممڪن آهي. اسپيڪر ان اهم ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي سنڌ اسيمبلي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته سنڌ هميشه ثقافت، ڳالهين ۽ جدت جو مرڪز رهي آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ اسيمبلي 1946ع ۾ پاڪستان جي پهرين عورت ڊپٽي اسپيڪر جيتي ٻائي تلسي داس کي چونڊيو ۽ پاڪستان ۽ ايشيا جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو تعلق به سنڌ صوبي سان هو. ڪانفرنس جي موضوع اعتماد، شموليت، جدت ۽ امن تي روشني وجهندي اسپيڪر چيو ته هي رڳو نظريا ناهن پر مستقبل جي جمهوري ڍانچن جا بنياد آهن ۽ پاڪستان جي قومي امنگن جي عڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي 65 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته قانونساز ادارن ۾ انهن جي نمائندگي رڳو 2 کان 3 سيڪڙو آهي جيڪو هڪ سنگين جمهوري خال آهي. هن ان خال کي ڀرڻ لاءِ يوٿ ايڊوائيزري ڪائونسلز، منظم انٽرنشپ پروگرامز، نوجوان قيادت جي تربيت ۽ پارلياماني ڪميٽين ۾ نوجوانن جي شموليت تي زور ڀريو. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته جمهوري ۽ سياسي عمل ۾ معاشري جي سمورن طبقن سان لاڳاپيل ماڻهن جي شموليت پائيدار جمهوريت جو بنياد آهي. عورتن، اقليتن، پٺتي پيل طبقن ۽ خصوصي صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي نمائندگي ڪنهن رعايت نه پر پارليامينٽرينز جي بنيادي جمهوري ذميواري آهي. هن چيو ته متنوع پارليامينٽ مضبوط قانونسازي ۽ انصاف، برابري ۽ وقار تي ٻڌل طرز حڪمراني کي يقيني بڻائي ٿي. جدت جي حوالي سان ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته جديد ٽيڪنالاجي موجوده طرز حڪمراني لاءِ اڻٽر آهي. مصنوعي ذهانت ۽ تحقيق تي ٻڌل قانونسازي ۽ اي پارليامينٽ جمهوري نظام ۾ شفافيت ۽ عوامي شموليت ۾ اضافي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته اوپن ڊيٽا گورننس ۽ ڊجيٽل شهري پليٽ فارمز پارليامينٽ کي عوام جي ويجهو آڻن ٿا ۽ جمهوري احتساب کي مضبوط بڻائين ٿا. اسپيڪر چيو ته احتساب جمهوري نظام جو بنياد آهي. هن چيو ته پارلياماني ڪميٽي سسٽم ايگزيڪيوٽو جي نگراني ۽ احتساب لاءِ انتهائي موثر پليٽ فارم آهي جنهن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر چيو ته وفاقيت ۽ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ متوازن اختيار قومي يڪجهتي، هڪجهڙي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهن، گڏيل طرز حڪمراني ۽ بين الپارلياماني رابطا قومي هم آهنگي جا اهم ذريعا آهن. علائقائي ۽ عالمي امن تي ڳالهائيندي هن چيو ته پارليامينٽ انساني اصولن کي هٿي ڏيڻ، سياسي حقن جي تحفظ ۽ تڪرارن جي پرامن حل م اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام جي خود اردايت واري حق لاءِ پاڪستان جي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ تسليم ٿيل آهي. هن غزه ۾ انساني الميي تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي انصاف، وقار ۽ انساني حقن جي بنياد تي فوري عالمي قدمن جو مطالبو ڪيو. اسپيڪر چيو ته ديانتداري، شفافيت ۽ جديديت مضبوط جمهوري ادارن جي سڃاڻپ آهن، شفاف قانونسازي ۽ فعال شهري شموليت عوامي اعتماد کي هٿي ڏين ٿا جيڪو جمهوريت جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهي. هن چيو ته مستقبل ۾ پارليامينٽ کي وڌيڪ نمائنده، جديد ۽ جوابده بڻائڻو پوندو. اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي هم منصبن کي مخاطب ٿيندي چيو ته پاڪستان ۾ شايد سڀني کان مشڪل ذميواري اسپيڪر جي هوندي آهي جتي حڪومت طرفان مخالف ڌر کي وڌيڪ وقت ڏيڻ تي اعتراض ڪيو ويندو آهي جڏهن ته مخالف ڌر طرفان وقت گهٽ ملڻ جي شڪايت ڪئي ويندي آهي.











