ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ رات/ صبح جي وقت ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ موسم جزوي طور جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي، مٿانهين خيبر پختونخواهه ۽ اتر بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات/ هلڪي برفباري جو امڪان آهي. موسميات …

اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ رات/ صبح جي وقت ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ موسم جزوي طور جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي، مٿانهين خيبر پختونخواهه ۽ اتر بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات/ هلڪي برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته مٿانهين وارن جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهي، جڏهن ته گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ڀرپاسي جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات / برفباري ٿي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 11، ڪالام ۾ ڪاٽو 06، اسڪردو، استور ۾ ڪاٽو 05، مالم جبه، نٿياگلي، گوپس ۾ ڪاٽو 04، هنزه ۽ راولاڪوٽ ۾ ڪاٽو 02 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں