قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت پاران پٽاٽي جي قيمتن ۾ شديد لاٿ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت سر ۽ جامع قدم شروع

اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي قيادت ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت پٽاٽي جي قيمتن ۾ شديد لاٿ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ، آبادگارن جي مفادن جي تحفظ ۽ زرعي مارڪيٽ ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ وقت سر ۽ جامع قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن. پٽاٽي جي قيمتن ۾ تيز رفتاري لاٿ جو بنيادي سبب افغانستان …

اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي قيادت ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت پٽاٽي جي قيمتن ۾ شديد لاٿ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ، آبادگارن جي مفادن جي تحفظ ۽ زرعي مارڪيٽ ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ وقت سر ۽ جامع قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن. پٽاٽي جي قيمتن ۾ تيز رفتاري لاٿ جو بنيادي سبب افغانستان جي سرحد جي بندش آهي جيڪا روايتي طور پاڪستاني پٽاٽي جي هڪ وڏي ايڪسپورٽ مارڪيٽ رهي آهي. ايڪسپورٽ ۾ رڪاوٽ سبب ملڪي منڊي ۾ اضافي پهچ پيدا ٿي وئي جنهن سان آبادگارن ۽ روانگي واپار ڪندڙن کي نقصان پهتو. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت طرفان جاري پڌرائي موجب ان مسئلي جي حل لاءِ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، پرڏيهي وزارت ۽ واپار واري وزارت جي سهڪار سان متبادل روانگي واپار جي منڊين ۽ واپاري رستن جي ڳولا ۾ سرگرم آهي ته جيئن پاڪستاني پٽاٽي جي ايڪسپورٽ جو تسلسل ۽ مارڪيٽ تائين پهچ يقيني بڻائي سگهجي. آبادگارن ۽ روانگي واپار ڪندڙن جي سهولت لاءِ وزارت آگاهه ڪيو آهي ته فائيو سينيٽري سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ لاءِ چالان فيس صرف 2500 روپيا آهي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت واپار واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته پٽاٽي جي روانگي واپار ۾ تيزي ۽ سهولت لاءِ پرڏيهي درآمد ڪندڙن جي نشاندهي ڪئي وڃي. وزارت پاڪستاني پٽاٽي لاءِ 36 ملڪن کي امڪاني برآمدي مارڪيٽن طور سڃاڻپ ڪئي آهي ۽ انهن جي فهرست روانگي واپار ڪندڙن سان شيئر ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين آبادگارن جي تحفظ، زرعي روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ مارڪيٽن ۾ جدت ذريعي پائيدار حل کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر بين الوزارتي هم آهنگي جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزارت زرعي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۽ روانگي واپار جي ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ سمورن لاڳاپيل حصيدارن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ آهي.

مزید خبریں