نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽري جنرل سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه اربع ڏينهن دولت مشترڪه (ڪامن ويلٿ) جي سيڪريٽري جنرل شرلي بوچوي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دولت مشترڪه جي باني ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ جمهوريت، سٺي طرز حڪمراني، ترقي ۽ …

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه اربع ڏينهن دولت مشترڪه (ڪامن ويلٿ) جي سيڪريٽري جنرل شرلي بوچوي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دولت مشترڪه جي باني ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ جمهوريت، سٺي طرز حڪمراني، ترقي ۽ گهڻ رخي تعاون جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خاص طور تي دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو.

مزید خبریں