اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف 5 کان 6 فيبروري تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. هو هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندو جنهن ۾ وفاقي ڪابينا جا سينيئر وزير ۽ ڪاروباري شخصيتون شامل هونديون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ازبڪستان جو صدر وزيراعظم سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۾ شرڪت سميت صدر …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف 5 کان 6 فيبروري تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف 5 کان 6 فيبروري تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. هو هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندو جنهن ۾ وفاقي ڪابينا جا سينيئر وزير ۽ ڪاروباري شخصيتون شامل هونديون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ازبڪستان جو صدر وزيراعظم سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۾ شرڪت سميت صدر سان ملاقات ڪندو ۽ پاڪ – ازبڪستان بزنس فورم کي خطاب پڻ ڪندو. ان موقعي تي ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو ۽ واپار، توانائي، دفاع، تعليم، عوامي رابطن ۽ علائقائي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ نيون راهون ڳوليون وينديون. ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جو پاڪستان جو هي ٻيو دورو آهي جيڪو پاڪستان ۽ ازبڪستان جي ٻطرفي لاڳپن ۾ مثبت اڳڀرائي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. اهي لاڳاپال گڏيل تاريخ، گڏيل عقيدي ۽ وچ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل امنگن تي ٻڌل آهن.











