ڪينسر کي منهن ڏيڻ لاءِ ان جي وقت سر سڃاڻپ، اثرائتي علاج، عوامي آگاهي ۽ اجتماعي ڪوششن جي سخت ضرورت آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڪينسر هڪ موذي پر علاج جوڳو مرض آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت سر سڃاڻپ، موثر علاج، عوامي آگاهي ۽ اجتماعي ڪوششن جي سخت ضرورت آهي.ڪينسر جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان کي ان عزم جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو …

اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڪينسر هڪ موذي پر علاج جوڳو مرض آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت سر سڃاڻپ، موثر علاج، عوامي آگاهي ۽ اجتماعي ڪوششن جي سخت ضرورت آهي.ڪينسر جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان کي ان عزم جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو ته اسان ڪينسر خلاف جنگ ۾ نه صرف مريضن ۽ انهن جي ڪٽنبن سان گڏ بيهڻ پر هڪ صحتمند معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عملي قدم به کڻون، ڪينسر نه صرف مريض پر پوري خاندان ۽ معاشري تي گهرا اثر مرتب ڪري ٿو ان لاءِ ان جي تدارڪ لاءِ مربوط قومي حڪمت عملي اڻٽر آهي. سينيٽ چيئرمين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪينسر کان بچاءُ لاءِ احتياطي تدبيرن، صحتمند طرز زندگي، متوازن غذا، تماڪ کان پاسو ڪرڻ ۽ باقاعده طبي معائنو نهايت اهم آهن. هن چيو ته وقت سر سڃاڻپ سان نه صرف قيمتي جانيون بچائي سگهجن ٿيون. پر علاج جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان حڪومت صحت جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ، ڪينسر جي علاج ۽ تحقيق جي مرڪزن کي وسعت ڏيڻ ۽ عوام کي معياري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته سرڪاري ۽ نجي شعبا، طبي ادارا، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي گڏجي ڪينسر کان آگاهي ۽ ان خلاف جدوجهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن ڪينسر جي مريضن، خاص طور ٻارن ۽ عورتن جي علاج، بحالي ۽ نفسياتي معاونت لاءِ ڪم ڪندڙ سمورن ڊاڪٽرن، نرسن، طبي عملي ۽ فلاحي ادارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته انهن جي خدمتون قابل قدر ۽ واکاڻ جوڳيون آهن. سينيٽ چيئرمين، عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو اسرندڙ ملڪن ۾ ڪينسر جي علاج، تحقيق ۽ دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏئي ته جئين صحت جي ميدان ۾ برابري کي يقيني بڻائي سگهجي. سيد يوسف رضا گيلاني ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ڪينسر خلاف عالمي ڪوششن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو ۽ هڪ اهڙو معاشرو جوڙڻ لاءِ هرممڪن سمورا قدم کنيا ويندا جتي هر فرد کي صحتمند زندگي گذارڻ جو حق حاصل هجي. 

مزید خبریں