وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ايندڙ ٻن سالن ۾ ٻطرفو واپاري ماپو هڪ ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جمهوريه قازقستان جي …

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ايندڙ ٻن سالن ۾ ٻطرفو واپاري ماپو هڪ ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جمهوريه قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ڪئي. جمهوريه قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف شاندار استقبال ڪيو ۽ سندس اعزاز ۾ سرڪاري آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي، صدر قاسم جومارت توڪائيووف گارڊ آف آرنر جو معائنو پڻ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ موجود هئا. ان کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي اهم ڪابينا ميمبرن شرڪت ڪئي. وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم صدر توڪائيووف جي پاڪستان جي دوري کي پاڪستان – قازقستان بطرفي لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل قرار ڏنو ڇو ته اهو 23 سالن کانپوءِ ڪنهن قازق صدر جو پهريون پاڪستان جو دورو آهي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ اعليٰ سطحي رابطن ۽ قائم شده اداراجاتي طريقيڪار، بشمول ٻطرفي سياسي مشاورت ۽ گڏيل بين الحڪومتي ڪميشن کي موثر بڻائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ پاڪستان، قازقستان تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم تازن سالن ۾ ٻطرفي واپار ۾ ترتيبوار اضافي کي اجاگر ڪندي ان جي غيراستعمال شده صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين ايندڙ ٻن سالن ۾ ٻطرفو واپار هڪ ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ٿيو ته ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن جي وچ ۾ وڌندڙ حصيداري واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ان ڏس ۾ پاڪستان، قازقستان بزنس فورم جي انعقاد کي هڪ مثبت قدم قرار ڏنو ويو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي رابطن ۽ چرپر جي نظام، بشمول رستي، ريل، فضائي ۽ سامونڊي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهي تعاون جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي طرفن ٽرانزٽ واپار جي انتظامن ۽ علائقائي لنگهن کي اقتصادي انضمام ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ اهم قرار ڏنو. ٻين معاملن کانسواءِ ٻنهي اڳواڻن تعليم، ثقافت، سياحت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڊگهي مدي واري ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام جي لاءِ تعليمي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن جي اهميت کي تسليم ڪيو، پاڪستان قازقستان لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي اڳواڻن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته دوري جا نتيجا جن ۾ 37 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ۽ ٻنهي اڳواڻن پاران ”اسٽريٽجڪ حصيداري جي قيام“ بابت گڏيل پڌرنامو شامل آهي، تعاون جا نوان موقعا پيدا ڪندو. صدر قاسم جومارت توڪائيووف شاندار مهمان نوازي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا ادا ڪيا. هن وزيراعظم کي هلندڙ سال ڪنهن موزون وقت تي قازقستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم دعوت تي صدر توڪائيووف جا ٿورا مڃيا ۽ علائقائي امن، رابطن ۽ ترقي جي لاءِ قازقستان سان ويجهي تعاون جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سينيئر وزيرن ۽ لاڳاپيل عملدارن تي ٻڌل هڪ ورڪنگ ڪميٽي قائم ڪئي ويندي جيڪا ايندڙ 5 سالن دوران ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون جي فروغ جي لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ تيار ڪندي.

مزید خبریں