پاڪستان جي خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاران ابوظهبي ۾ منعقد ”انساني اخوت مجلس، زايد ايوارڊ 2026ع“ ۾ شرڪت

ابوظهبي - 04 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان جي خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري گڏيل عرب امارات جي حڪومت جي دعوت تي ابوظهبي ۾ منعقد ”انساني اخوت مجلس، زايد ايوارڊ 2026ع“ ۾ شرڪت ڪئي. اها مجلس ”انساني اخوت بابت زايد ايوارڊ“ جي سالياني ڪيلينڊر جو هڪ اهم حصو آهي جيڪا گڏيل بقاءَ، همدرديءَ، مڪالمي ۽ انساني اتحاد جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي پائيدار …

ابوظهبي – 04 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان جي خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري گڏيل عرب امارات جي حڪومت جي دعوت تي ابوظهبي ۾ منعقد ”انساني اخوت مجلس، زايد ايوارڊ 2026ع“ ۾ شرڪت ڪئي. اها مجلس ”انساني اخوت بابت زايد ايوارڊ“ جي سالياني ڪيلينڊر جو هڪ اهم حصو آهي جيڪا گڏيل بقاءَ، همدرديءَ، مڪالمي ۽ انساني اتحاد جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي پائيدار عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. هلندڙ سال جي مجلس ان لحاظ کان خاص اهميت رکندڙ هئي ته ان کي ”خاندان جو سال“ جي عنوان تحت منعقد ڪيو ويو جيڪو شيخ محمد بن زايد النهيان جي ان ويزن جي ترجماني ڪري ٿو ته خاندان ئي قومي استحڪام، خوشحالي ۽ تسلسل جو بنياد آهي. اماراتي ”مجلس“ جي عاجزي، دانشمندي ۽ مهمان نوازي تي ٻڌل روايت کي برقرار رکندي ان ميڙ ۾ عالمي اڳواڻن، مفڪرن ۽ تبديلي جي علمبردارن شرڪت ڪئي ته جيئن گڏيل انساني قدرن کي عملي ۽ جامع نتيجن ۾ بدلائڻ جي لاءِ مڪالمو ڪري سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري هڪ اعليٰ سطحي پينل مباحثي ۾ شرڪت ڪئي جنهن جو عنوان ”انساني اخوت جي مرڪز ۾ عورتن جي قيادت“ هو. ان مڪالمي ۾ اهڙين بااثر عورت اڳواڻن کي گهرايو ويو هو جن جو ڪم پنهنجي ملڪن جي سماجي ڍانچي کي مضبوط ڪيو آهي. سيشن جي نظامت ”دي نيشنل“ (يو اي اي) جي ايڊيٽر ان چيف مينا العريبي ڪئي. بحث دوران همدرديءَ، اخلاقي جرئت ۽ جامع طرز حڪمراني تي ٻڌل قائداڻي ماڊلز تي روشني وڌي وئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته مضبوط خاندان ئي ٺوس معاشرن ۽ پائيدار سماجي هم آهنگي جو نقطه آغاز هوندا آهن. پنهنجي خطاب دوران خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ذڪر ڪيو جيڪا پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ ڪنهن به مسلمان ملڪ جي قيادت ڪندڙ پهرين عورت هئي. هن زور ڏنو ته عوامي ادارن تي اعتماد رڳو هدايتن سان نه پر ڪميونٽي جي سطح تي ٻڌڻ، تسلسل ۽ حقيقي رابطي سان پيدا ٿئي ٿو. پاڪستان جي تجربي جو حوالو ڏيندي هن ”ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام“ کي رياست ۽ خاندانن جي وچ ۾ ٻطرفي رابطي جي هڪ طاقتور مثال جي طور تي پيش ڪيو جيڪو صحت جي سهولتن، ويڪسينيشن جي آگاهي ۽ وقار کي سڌوسنئون خاندانن جي درن تائين پهچائي رهيو آهي. هن چيو ته ان پروگرام جي ڪاميابي جو راز ان جو ڪميونٽي تي ٻڌل طريقيڪار آهي جتي هزارين عورتون هيلٿ ورڪرز هڪ ئي زبان ڳالهائين ٿيون، مقامي سماجي ۽ ثقافتي حالتن کي سمجهن ٿيون ۽ هڪ قابل اعتماد چهري جي طور تي سڃاتيون وڃن ٿيون. تازي ويڪسينيشن مهمن بشمول ايڇ پي وي آئوٽ ريچ ۽ پاڪستان جي پهرين ملڪ گير پوليو خاتمي جي مهم جو ذڪر ڪندي خاتون اول ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪهڙي طرح گهريلو سطح تي اعتماد، همدرديءَ ۽ مڪالمو عوامي صحت جي نتيجن کي نمايان طور تي بهتر بڻائي ٿو. هن ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز کي قومي صحت جي نظام ۽ خاندانن، خاص طور تي مائرن ۽ ٻارن جي وچ ۾ هڪ اهم ڪڙيءَ قرار ڏنو. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ايندڙ نسلن ۾ قدرن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعيلم، خاندان ۽ قيادت جي وچ ۾ هم آهنگي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته ٻار ان وقت بهتر سکن ٿا جڏهن قدرن کي رڳو هدايتن بدران روزاني جي عمل ۾ ڏٺو وڃي. پنهنجي خاندان جي جلاوطني دوران گڏيل عرب امارات ۾ پنهنجي اسڪول دور جون يادون تازيون ڪندي هن ٻڌايو ته ڪهڙي طرح ”ثقافتي هفتن“ ۽ ”ماحولياتي آگاهي“ جهڙن پروگرامن احترام، ذميواري ۽ شهري حصيداري جي عادت پيدا ڪئي. هن چيو ته جڏهن اسڪول والدين کي حصيدار جي طور تي ڏسن ٿا ۽ والدين اسڪولن کي ڪردارسازي جي جڳهه سمجهن ٿا ته ٻار جي واڌويجهه تي گهرا اثر پون ٿا. ان ڏس ۾ خاتون اول گڏيل عرب امارات جي قيادت پاران روايت، ثقافتي احترام ۽ سماجي خدمت تي مسلسل زور ڏيڻ کي ساراهيو ۽ 2026ع کي ”خاندان جو سال“ قرار ڏيڻ کي هڪ وقت ۽ طاقتور پيغام قرار ڏنو. فورم ۾ اچڻ تي انساني اخوت بابت زايد ايوارڊ جي سيڪريٽري جنرل جج محمد عبدالسلام خاتون اول جو استقبال ڪيو. پينل مباحثي کان اڳ خاتون اول ڪيترين ئي ناليوارين شخصيتن سان ملاقاتون پڻ ڪيون جن ۾ لبنان جي خاتون اول نعمت عون، انڊونيشيا جي اڳوڻي صدر ميگاوتيسوڪارنو پتري، ڪولمبيا جي خاتون اول ويرونيڪا الڪوسر گارسيا، حيدر عليئيف فائونڊيشن جي نائب صدر ليليٰ عليئيو ۽ ازبڪستان جي صدر جي انتظاميا جي سربراهه سعيده مير ضيايوا شامل هيون. خاتون اول جي ان پروگرام ۾ شرڪت انساني اخوت، جامع قيادت ۽ قومي ۽ عالمي سطح تي خانداني ۽ سماجي قدرن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پائيدار عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.

مزید خبریں