اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪينسر جو عالمي ڏهاڙو 4 فيبروري تي ملهايو ويو، جنهن جو مقصد ڪينسر بابت آگاهي ۽ ان کان بچاءَ جي حوالي سان جاڳرتا اجاگر ڪرڻ آهي. سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ان مناسبت سان حڪومتي ادارن، سول سوسائٽي ۽ سماجي تنظيمن جي انتظام هيٺ سيمينار، مذاڪرا، واڪس ۽ تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو. گڏيل قومن جي …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪينسر جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪينسر جو عالمي ڏهاڙو 4 فيبروري تي ملهايو ويو، جنهن جو مقصد ڪينسر بابت آگاهي ۽ ان کان بچاءَ جي حوالي سان جاڳرتا اجاگر ڪرڻ آهي. سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ان مناسبت سان حڪومتي ادارن، سول سوسائٽي ۽ سماجي تنظيمن جي انتظام هيٺ سيمينار، مذاڪرا، واڪس ۽ تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو. گڏيل قومن جي صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي رپورٽ موجب موجوده صورتحال کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته 2030ع تائين ڪينسر کان متاثر ماڻهن جون فوتگيون ٻيڻ تائين وڌڻ جو خدشو آهي. ماهرن موجب جيڪڏهن ڪينسر جي وقت سر سڃاڻپ ٿي وڃي ته ان جو علاج ممڪن آهي. ڪينسر جي شروعاتي علامتن ۾ مستقل ٿڪاوٽ، وزن ۾ اوچتو گهٽتائي، سور، بخار، هاضمي جي مسلسل خرابي ۽ کنگهه وغيره آهن. صحت واري عالمي اداري چيو آهي، ته ڪينسر جي پکيڙ ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. ڪينسر جا 40 سيڪڙو مريض سگريٽ، شراب، وزن وڌي وڃڻ، جسماني سرگرمين جي کوٽ، هوائي گدلاڻ، الٽرا وائليٽ ريڊيئيشن جو شڪار ٿين ٿا. جڏهن ته ڪينسر جو ٻيو سبب 9 اهڙا انفيڪشن وغيره آهن جن جي وقت سر سڃاڻپ سان مرض تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. رپورٽ موجب 185 ملڪن ۾ 36 ڪسمن جا ڪينسر ڏٺا ويا آهن، جن تي تحقيق کان پوءِ اها خبر پئجي ٿي ته انهن مان 15 سيڪڙو مريض سگريٽ نوشي ڪرڻ وارا آهن. تحقيق موجب مردن ۾ تدارڪ جوڳي ڪينسر جي پکيڙ عورتن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي آهي. مردن ۾ ڪينسر جا 45 سيڪڙو نوان ڪيس تدارڪ لائق آهن جڏهن ته عورتن ۾ اها شرح 30 سيڪڙو آهي.











