پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق سان ڪي پي ڪي جي چيف سيڪريٽري جي ملاقات

پشاور -04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق سان خيبر پختونخوا جي چيف سيڪريٽري شهباز علي شاهه ۽ صحت واري سيڪريٽري شاهد الله پشاور ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سڄي صوبي ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ جاري قدمن ۽ حڪمت عملين جو جائزو ورتو ويو. قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪي پي ڪي …

پشاور -04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق سان خيبر پختونخوا جي چيف سيڪريٽري شهباز علي شاهه ۽ صحت واري سيڪريٽري شاهد الله پشاور ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سڄي صوبي ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ جاري قدمن ۽ حڪمت عملين جو جائزو ورتو ويو. قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪي پي ڪي ۾ پوليو جي مجموعي صورتحال، موجوده مهم جي اڳڀرائي ۽ ڏکي پهچ ۽ ماضي ۾ رهجي ويل علائقن تي خاص ڌيان ڏنو ويو جڏهن ته موسم سبب درپيش آپريشنل چئلينجز تي به ڳالهيون ڪيون ويون. معمل جي اميونائيزيشن بهتر بڻائڻ، اي پي آءِ ۽ پي اي آءِ جو انضمام مضبوط ڪرڻ ۽ ڏکڻ ڪي پي ڪي ۾ مربوط سروس ڊليوري ذريعي حاصل ڪيل ڪاميابين کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي زور ڀريو ويو. ان موقعي تي ڪي پي ڪي مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ گڏيل ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو ويو.

مزید خبریں