سڄي ملڪ ۾ پوليو کان روڪٿام واري مھم ٽيئن ڏينھن به ڪاميابي سان جاري

اسلام آباد - 04 فيبروري (اي پي پي) قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر مطابق سال 2026ع جي پھرين قومي پوليو کان روڪٿام واري مھم ٽيئن ڏينھن به سڄي ملڪ ۾ ڪاميابي سان جاري آھي. مھم دوران 4 لک کان وڌيڪ پوليو ورڪرز گھر گھر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارين پيا. اين اي او سي جو چوڻ آھي ته پوليو کان روڪٿام واري مھم پاڪستان ۽ افغانستان ۾ …

اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر مطابق سال 2026ع جي پھرين قومي پوليو کان روڪٿام واري مھم ٽيئن ڏينھن به سڄي ملڪ ۾ ڪاميابي سان جاري آھي. مھم دوران 4 لک کان وڌيڪ پوليو ورڪرز گھر گھر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارين پيا. اين اي او سي جو چوڻ آھي ته پوليو کان روڪٿام واري مھم پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ھڪ وقت  ئي منعقد ڪئي پئي وڃي. مھم جي شروعاتي ٻن ڏينھن ۾ سڄي ۾ 2 ڪروڙ 68 لک کان وڌيڪ ٻارن جي ويڪسينيشن مڪمل ڪئي وئي آھي. انگن اکرن مطابق پنجاب ۾ 1 ڪروڙ 45 لک کان وڌيڪ، سنڌ ۾ 58 لک 83 ھزار کان وڌيڪ، خيبرپختونخوا ۾ 43 لک 20 ھزار کان وڌيڪ، بلوچستان ۾ اٽڪل 12 لک 8 ھزار، اسلام آباد ۾ اٽڪل 2 لک 94 ھزار، گلگت بلتستان ۾ 1 لک 65 ھزار کان وڌيڪ جڏھن ته آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 4 لک 46 ھزار ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا آھن. اين اي او سي مطابق پوليو ھڪ لاعلاج مرض آھي، جيڪو ٻارن کي سڄي زندگي لاءِ معذور بڻائي سگھي ٿو. والدين کي اپيل ڪئي وئي آھي ته اهي پوليو ورڪرز لاءِ پنھنجا دروازا کولين ۽ پنھنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا لازمي پيارين.

مزید خبریں