وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قازقستان جي صدر پاران قازقستان-پاڪستان اسپورٽس سينٽر دوستيڪ ۽ يونيورسٽين جي وچ ۾ ٽن مرڪزن جي قيام لاءِ يادگاري تختين جي نقاب ڪشائي

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف قازقستان-پاڪستان اسپورٽس سينٽر دوستيڪ ۽ يونيورسٽين جي وچ ۾ ٽن مرڪزن جي قيام لاءِ يادگاري تختين جي نقاب ڪشائي ڪئي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف راندين ۽ تعليم سان لاڳاپيل ٽن مرڪزن جي …

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف قازقستان-پاڪستان اسپورٽس سينٽر دوستيڪ ۽ يونيورسٽين جي وچ ۾ ٽن مرڪزن جي قيام لاءِ يادگاري تختين جي نقاب ڪشائي ڪئي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف راندين ۽ تعليم سان لاڳاپيل ٽن مرڪزن جي قيام لاءِ ٻن يادگاري تختين جي نقاب ڪشي ڪئي، انهن مرڪزن جي قيام جو مقصد تعليم ۽ راندين جي ميدان ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي. ان کانسواءِ تعليم جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي تعليمي ادارن ۽ شاگردن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ ٽن مرڪزن جي قيام لاءِ هڪ يادگاري تختي جي به نقاب ڪشي ڪئي وئي. تعليم جي شعبي ۾ ٽن يونيورسٽين جي گڏيل تعاون سان ٽيڪنيڪل ريسرچ سينٽر جي قيام کانسواءِ احمد ياساوي ريسرچ سينٽر ۽ الفارابي سينٽر به قائم ڪيو ويندو.

مزید خبریں