اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آيل قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سياسي، معاشي ۽ عوام سان رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي گڏيل عزم کي ورجايو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم کيس پاڪستان آمد تي ڀليڪار چئي ۽ صدر، وزيراعظم، …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آيل قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سياسي، معاشي ۽ عوام سان رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي گڏيل عزم کي ورجايو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم کيس پاڪستان آمد تي ڀليڪار چئي ۽ صدر، وزيراعظم، حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام پاران گرمجوشي جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان طرفان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وڌندڙ سياسي رابطن جي واکاڻ ڪئي. ملاقات دوران، نائب وزيراعظم سياسي، مُعاشي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي گڏيل عزم کي ورجايو ۽ خطي ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو.











