ڪينسر جو عالمي ڏهاڙو ان موذي مرض جي سنگيني جو احساس ڏياري ٿو: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ اسان بحيثيت قوم ۽ عالمي برادري جي ميمبر جي طور تي ڪينسر جي خلاف جدوجهد جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪري رهيا آهيون، هي ڏينهن نه رڳو ان موذي مرض جي سنگيني جو احساس ڏياري ٿو پر اتحاد، جدت ۽ مسلسل عملي قدمن جي ذريعي اميد کي مضبوط بڻائڻ جو هڪ موقعو پڻ …

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ اسان بحيثيت قوم ۽ عالمي برادري جي ميمبر جي طور تي ڪينسر جي خلاف جدوجهد جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪري رهيا آهيون، هي ڏينهن نه رڳو ان موذي مرض جي سنگيني جو احساس ڏياري ٿو پر اتحاد، جدت ۽ مسلسل عملي قدمن جي ذريعي اميد کي مضبوط بڻائڻ جو هڪ موقعو پڻ آهي، پاڪستان ۾ ڪينسر بدستور فوتگين جو ٻيو وڏو سبب آهي جتي ساليانو هڪ لک آبادي ۾ اندازي موجب 185 نوان ڪيسز رپورٽ ٿين ٿا، شهري آبادي ۾ تيز رفتار اضافي، رهڻي ڪهڻي ۾ تبديليون ۽ آگاهي جي کوٽ ان بار کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي، اهي حقيقتون ڪينسر جي روڪٿام ۽ ڪنٽرول جي لاءِ اسان جي ڪوششن کي مضبوط بڻائڻ ۽ اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ جي فوري ضرورت کي واضح ڪن ٿيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪينسر جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته انهن انگ اکرن جي پس منظر ۾ سڄي پاڪستان جا اهي خاندان آهن جيڪي اسپتالن تائين ڊگهي سفر، دير سان تشخيص جي ڪري ذهني دٻاءُ ۽ ڊگهي علاج جي مالي بار کي منهن ڏين ٿا، ڪيترن ئي خاندانن جي لاءِ ڪينسر روزگار، تعليم ۽ روزاني جي معمولات کي متاثر ڪري ٿي جنهن سان مريضن ۽ سارسنڀال لهندڙن تي اضافي دٻاءُ پوي ٿو، تنهن ڪري ڪينسر کي منهن ڏيڻ جو مطلب رڳو طبي تڪليف کي گهٽ ڪرڻ نه آهي پر عام شهرين تي پوندڙ سماجي ۽ معاشي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ به آهي، پاڪستان حڪومت صوبائي حڪومتن، صحت جي ادارن ۽ عالمي حصيدارن جي ويجهي تعاون سان ان اهم عوامي صحت جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. هڪ جامع قومي ڪينسر حڪمت عملي تياري جي مرحلن ۾ آهي جنهن ۾ خاص طور تي ٻارن جي ڪينسر تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، صحت جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط بڻائن، ڪينسر جي بار ۽ موجوده مداخلتن جي تفصيلي جائزي ۽ قومي ۽ صوبائي سطح تي ڪينسر کي ڪنٽرول ڪرڻ جي حڪمت عملين جي جوڙجڪ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن. وڌيڪ اهو ته پبلڪ پرائيويٽ حصيداري تحت وفاق جي انتظام هيٺ علائقن ۾ ڪينسر جي چونڊ مريضن کي مفت علاج فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت تحقيق ۽ ڊيٽا سسٽمز کي مضبوط بڻائي به ڪينسر جي سارسنڀال کي فروغ ڏئي رهي آهي جتي ڊيٽا تي ٻڌل ڪلينڪس بامعنيٰ تحقيق ۽ گڏيل تعاون کي ممڪن بڻائين ٿيون، اهي گڏيل قدم شخص ۽ خاندانن تي ڪينسر جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ان سان گڏوگڏ ڪينسر کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پوري معاشري جي شموليت ضروري آهي. نجي شعبي، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ ڪميونٽي تي ٻڌل تنظيمون آگاهي وڌائڻ ۽ صحتمند رهڻي ڪهڻي جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، ڪينسر رڳو صحت جو مسئلو نه آهي پر هڪ وسيع تر سماجي چئلينج آهي جنهن جي لاءِ هم آهنگ، بين الشعباجاتي قدر گهربل آهن، روڪٿام ۽ وقت سر تشخيص اسان جي حڪمت عملي جو مرڪز آهن. صدر چيو ته ان اهم موقعي تي آئون سمورن شهرين، صحت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ نجي شعبي کي اپيل ڪريان ٿو ته ان گڏيل مشن ۾ هٿ ونڊرائين، گڏجي اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهون ٿا ته سماجي ۽ معاشي حيثي کان هي ڪري هر ماڻهو کي وقت سر تشخيص، موثر علاج ۽ همدرداڻي نگهداشت تائين برابر پهچ حاصل هجي، اسان ڪينسر جي روڪٿام ۽ ڪنٽرول کي قومي ترجيح بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون جيڪو برابري، جدت ۽ عزم مصمم تحت هجي. مقصد ۾ هڪ ٿي اسان متاثر ماڻهو کي اميد ۽ شفا ڏياري سگهون ٿا ۽ انهن سڀني جي ياد کي خراج عقيدت پيش ڪري سگهون ٿا جيڪي ان بيماري جي ڪري اسان کان جدا ٿي ويا.

مزید خبریں