اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي)ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس دوران اي سي سي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) طرفان پيش ڪيل هڪ سمري تي غور ڪيو جنهن ۾ مالي سال 26-2025ع دوران پنجاب، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ 455 ملين روپين جي …
ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي)ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس دوران اي سي سي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) طرفان پيش ڪيل هڪ سمري تي غور ڪيو جنهن ۾ مالي سال 26-2025ع دوران پنجاب، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ 455 ملين روپين جي ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. غور ويچار کانپوءِ اي سي سي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي هدايت ڪئي ته هو خرچن جي نوعيت ۽ گهربل رقم تحت فنڊز جي ڄاڻايل استعمال جي وڌيڪ تفصيلن سان گڏ سمري ٻيهر پيش ڪري. گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري ڊويزن طرفان پيش ڪيل ٻن ڌار سمرين تي اي سي سي ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي ذريعي پائيدار ترقياتي هدفن( ايس اي پي) پروگرام تحت اسڪيمون لاءِ 100 ملين روپين جي ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽ جي منظوري ڏني. ڪميٽي موجوده مالي سال دوران فرنٽيئر ڪور بلوچستان جي هيلي ڪاپٽر جي اسپيئر پارٽس جي خريداري ۽معمول جي سارسنڀال لاءِ منظور ٿيل بجيٽ اندر 8.79 ملين روپين جي ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽ جي به منظوري ڏني، اي سي سي تعليم ۽پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت طرفان پيش ڪيل هڪ تجويز جي به منظوري ڏني جنهن تحت موجوده اسڪالرشپ پروگرامن جي تسلسل ۽ نون قدمن جي شروعات خاص ڪري اسڪول کان ٻاهر ٻارن لاءِ اسڪيمن کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ ارب روپين جي ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽ فراهم ڪئي ويندي. اي سي سي روينيو ڊويزن طرفان پيش ڪيل هڪ تجويز جي منظوري ڏني جنهن تحت پاڪستان ڪسٽمز طرفان ضبط ڪيل ۽ بعد ۾ سرڪاري ملڪيت قرار ڏنل امدادي سامان جي ٻن کيپن جن ۾ ترپال، خيما ۽ سردي جا ڪپڙا شامل آهن، حڪومت گلگت بلتستان کي فراهم ڪيون وينديون. اهو سامان گلگت بلتستان ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي ذريعي آفتن کان متاثر علائقن ۾ هنگامي امدادي ڪاررواين لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سيڙپڪاري وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، رٿابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري (جنهن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي) ۽ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کانسواءِ لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن، ريگوليٽري ادارن جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.











