ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي)سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزارت ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري (وڊيو لنڪ ذريعي) کانسواءِ لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگوليٽري ادارن جي سيڪريٽرين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ايڪسپورٽ امپورٽ ايگزم بئنڪ آف پاڪستان جي پروڪيورمنٽ پاليسي 2025ع جو جائزو ورتو …

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي)سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزارت ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري (وڊيو لنڪ ذريعي) کانسواءِ لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگوليٽري ادارن جي سيڪريٽرين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ايڪسپورٽ امپورٽ ايگزم بئنڪ آف پاڪستان جي پروڪيورمنٽ پاليسي 2025ع جو جائزو ورتو ۽ ان جي منظوري ڏني جنهن جو مقصد ايگزم بئنڪ جي خريداري جي عمل کي موثر ۽ جامع بڻائڻ آهي. هي پاليسي اسٽيٽ اونڊ انٽرپرئيزز ايڪٽ 2023ع سان هم آهنگ آهي ۽ چارٽرڊ انسٽيٽيوٽ آف پروڪيورمنٽ اينڊ سپلائي جي عالمي معيارن ۽ پي پي آر اي قاعدن ۽ ضابطن جي مڪمل پاسداري کي يقيني بڻائي ٿي. ڪميٽي واپار واري وزارت طرفان پيش ڪيل ايجنڊا ايٽمز جو به جائزو ورتو ۽ منظوري ڏني، جنهن ۾ نيشنل انشورنس ڪمپني لميٽيڊ جي بورڊ ۾ هڪ خالي آسامي تي آزاد ڊائريڪٽر جي مقرري ۽ چيئرمين بورڊ جي جي مقرري، اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي بورڊ ۾ هڪ خالي آسامي تي آزاد ڊائريڪٽر جي مقرري ۽ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جي بورڊ ۾ ٻن خالي آسامين مان هڪ تي آزاد ڊائريڪٽر جي مقرري شامل آهن. ڪميٽي بين الصوبائي رابطن واري وزارت طرفان پاڪستان ٽورازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (پي ٽي ڊي سي) بابت پيش ڪيل بزنس پلان جو به جائزو ورتو ۽ پي ٽي ڊي سي جي بنيادي ڪردار کي هڪ مختصر، موثر ۽ مناسب سائز جي ”سينٽر آف ايڪسيلينس“ جي صورت ۾ برقرار رکڻ جي منظوري ڏني.هي ادارو برانڊ پاڪستان کي هٿي ڏيڻ، عالمي سطح تي پاڪستان جي چهري طور ڪردار ادا ڪرڻ، بين الحڪومتي رابطا ڪاري، پاليسي مدد ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ مارڪيٽنگ ۽ برانڊ ڊولپمينٽ جي سهولت فراهم ڪندو. ان سان گڏ عملي جي تعداد کي معقول بڻايو ويندو ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي انگ کي گورننس گهرجن موجب نئين سر ترتيب ڏنو ويندو. ڪميٽي وزارت کي اها به هدايت ڪئي ته ڄاڻايل  ادارن جي فنڊنگ ۽ پي ٽي ڊي سي جي انتظام هيٺ موجوده اثاثن جي انتظام جي حوالي سان قانون واري وزارت جي سهڪار سان هڪ ڌار سمري پيش ڪئي وڃي.

مزید خبریں