اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي)دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف مراڪش جي سرڪاري دوري دوران پاڪستان ۽ مراڪش جي دفاعي سهڪار جي حوالي سان مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحيح ڪئي. يادداشت ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. دفاع واري وزير گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي وفد جي سطح تي ڳالهين جي …
دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي پاڪستان ۽ مراڪش جي دفاعي سهڪار جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشت تي صحيح

مزید خبریں
اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي)دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف مراڪش جي سرڪاري دوري دوران پاڪستان ۽ مراڪش جي دفاعي سهڪار جي حوالي سان مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحيح ڪئي. يادداشت ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. دفاع واري وزير گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي وفد جي سطح تي ڳالهين جي قيادت به ڪئي. دفاع واري وزير مملڪت مراڪش جي پرڏيهي معاملن ۽ آفريقي سهڪار واري وزير ناصر بوريتا ۽ مراڪش جي تارڪين وطن سان به ملاقات ڪئي. ملاقاتن کان اڳ وفاقي وزير ڪنگ محمد پنجم جي مزار تي حاضري ڀري، جتي هن فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب تي به صحيح ڪئي. وفاقي وزير جو اهو دورو پاڪستان ۽ مراڪش وچ ۾ پراڻن، دوستي وارن لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. دفاع واري وزير جو دورو مراڪش دفاع، سلامتي ۽ گڏيل مفادن جي ٻين شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي گڏيل خواهش جو مظهر آهي.











