شب برات رحمت، مغفرت ۽ خود احتسابي جي عظيم رات آهي: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته شب برات الله تعاليٰ جي رحمت، مغفرت ۽ بخشش جي عظيم رات آهي، جيڪا انسان کي خود احتسابي، توبهه ۽ استغفار ۽ نيڪي جي رستي تي گامزن ڪرڻ جو پيغام ڏئي ٿي. شب برات جي بابرڪت موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي خاص پيغام ۾ هن چيو ته شب برات هڪ مقدس ۽ روحاني رات …

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته شب برات الله تعاليٰ جي رحمت، مغفرت ۽ بخشش جي عظيم رات آهي، جيڪا انسان کي خود احتسابي، توبهه ۽ استغفار ۽ نيڪي جي رستي تي گامزن ڪرڻ جو پيغام ڏئي ٿي. شب برات جي بابرڪت موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي خاص پيغام ۾ هن چيو ته شب برات هڪ مقدس ۽ روحاني رات آهي، جنهن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن تي خاص رحمت نازل فرمائيندو آهي، گناهن کي معاف ڪندو آهي ۽ ايندڙ سال جي معاملن بابت فيصلا فرمائيندو آهي، هي رات اسان کي پنهنجي زندگين تي غور ۽ فڪر ڪرڻ، پنهنجي ڪوتاهين جو احساس ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ سچي توبهه ذريعي ان جي ويجهڙائي حاصل ڪرڻ جو درس ڏي ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته شب برات اسان کي صبر، برداشت، گڏيل اتحاد ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ جو پيغام ڏي ٿي. هن چيو ته شب برات اسان کي ايثار، محبت، رواداري ۽ انسايت جي خدمت جو درس ڏي ٿي. سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ان بابرڪت رات جي صدقي پاڪستان کي امن ۽ استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي عطا فرمائي، قوم کي درپيش مشڪلاتن کان ڇوٽڪارو ڏي ۽ اسان کي دين اسلام جي تعليم تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن آخر ۾ پوري قوم لاءِ نيڪ خواهشن ۽ بهتري لاءِ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ان مقدس رات جي صدقي اسان سڀني جون دعائون قبول ڪري ۽ اسان کي پنهنجي رحمت ۽ مغفرت سان نوازي. آمين.

مزید خبریں