اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پاڪستان جي ڪپهه جي شعبي جي بحالي ۽ ڊگهي مدي واري پائيداري لاءِ ري جنريٽو زراعت جي اهم ڪردار تي زور ڀريو آهي. هو پاڪستان رائونڊ ٽيبل ڪپهه جي شعبي کي ري جنريٽو زراعت ذريعي مضبوط بڻائڻ جي موضوع تي منعقد اجلاس کي خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو، جنهن جو بندوبست …
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پاران پاڪستان جي ڪپهه جي شعبي جي بحالي لاءِ ري جنريٽو زراعت تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پاڪستان جي ڪپهه جي شعبي جي بحالي ۽ ڊگهي مدي واري پائيداري لاءِ ري جنريٽو زراعت جي اهم ڪردار تي زور ڀريو آهي. هو پاڪستان رائونڊ ٽيبل ڪپهه جي شعبي کي ري جنريٽو زراعت ذريعي مضبوط بڻائڻ جي موضوع تي منعقد اجلاس کي خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو، جنهن جو بندوبست پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ڪميٽي (پي سي سي سي) آل پاڪستان ٽيڪسٽائيل ملز ايسوسيئيشن (اي پي ٽي ايم اي) جي تعاون سان ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير ان وقت سر ۽ مقصد رائونڊ ٽيبل منعقد ڪرڻ تي سمورين لاڳاپيل ڌرين جي ڪوششن کي ساراهيو جنهن ۾ پاليسي سازن، صنعتي اڳواڻن، ترقياتي حصيدارن ۽ ماهرن زرعي ۽ ٽيڪسٽائيل شعبن لاءِ پائيدار حل تي غور ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڪپهه پاڪستان جي روانگي واپار جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي ۽ ٻهراڙي جي آبادي لاءِ روزگار جو هڪ اهم ذريعو آهي، جڏهن ته موسمياتي تبديلي، زمين جي زرخيزي ۾ گهٽتائي، پاڻي جي کوٽ ۽ عالمي منڊي جون بدلجندڙ گهرجون سنگين چئلينجز آهن، جيڪي اسان کي پائيدار ۽ ري جنريٽو زرعي طريقن طرف منتقلي تي مجبور ڪندا آهن. هن چيو ته ري جنريٽو زراعت نه رڳو زمين جي صحت جي بحالي ۽ پيداوار ۾ اضافي لاءِ اڻٽر آهي، پر عالمي پائيدار جي معيارن تي پورو لهڻ ۽ عالمي منڊين ۾ پاڪستان جي چٽاڀيٽي برقرار رکڻ لاءِ به انتهائي اهم آهي. راڻا تنوير حسين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان حڪومت ان تبديلي جي عمل ۾ آبادگارن ۽ صنعت جي سهولت لاءِ زرعي سڌارا، مالي مدد، مراعتون ۽ هدفي سبسڊي ذريعي ڀرپور تعاون فراهم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته ڪپهه ۽ ٽيڪسٽائيل جي ويليو چين ۾ پائيداري، شفافيت ۽ عالمي معيار کي يقيني بڻائڻ لاءِ اي پي ٽي ايم اي سان ويجهي حصيداري جاري آهي. وفاقي وزير چيو ته عالمي منڊين تائين تيزي سان ٽريس ايلبٽي، ذميواراڻي پيداوار ۽ ماحولياتي پائيداري جي اصولن طرف وڌي رهي آهي جيڪي ملڪ وقت سر پنهنجي پيداواري نظام کي انهن گهرجن سان هم آهنگ ڪندا آهن، اهي بهتر مارڪيٽ پهچ، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي قابل هوندا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پائيدار ۽ ڊگهي مدي وارا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي حصيداري اڻٽر آهي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت، صنعت، برانڊز ۽ آبادگار گڏيل تعاون سان ڪم ڪن ته اسان نه رڳو پنهنجي روانگي واپار کي محفوظ بڻائي سگهون ٿا، پر آبادگارن جي آمدني ۾ بهتري ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ کي به يقيني بڻائي سگهون ٿا. پڄاڻي تي وفاقي وزير اي پي ٽي ايم اي، پي سي سي سي جي سمورن شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته رائونڊ ٽيبل ۾ ٿيل ڳالهيون عملي قدم، مضبوط تعاون ۽ پاڪستان جي ڪپهه جي شعبي لاءِ پائيدار نتيجن جي بنياد بڻجنديون.











