اسلام آباد- 03 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ليبيا ويجها رابطا برقرار رکڻ ۽ مستقبل ۾ تعاون جا امڪان ڳولڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ليبيا سان دوستاڻي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي مسلسل رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ليبيا جي اعليٰ سطحي وفد وزيراعظم هائوس ۾ …
پاڪستان ۽ ليبيا پاران ويجها رابطا برقرار رکڻ ۽ مستقبل ۾ تعاون جا امڪان ڳولڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ليبيا ويجها رابطا برقرار رکڻ ۽ مستقبل ۾ تعاون جا امڪان ڳولڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ليبيا سان دوستاڻي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي مسلسل رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ليبيا جي اعليٰ سطحي وفد وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ليبيا جي حڪومت جي وزيراعظم ڊاڪٽر اسامه سعد حمد، ليبيا جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف فيلڊ مارشل خليفه ابوالقاسم ۽ نائب ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر تي ٻڌل هو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڌرين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ گڏيل معاملن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي امن، استحڪام ۽ ترقي جي فروغ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ليبيا سان دوستاڻي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مسلسل رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو جڏهن ته ليبيا جي قيادت پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. بيان موجب ملاقات ۾ ويجها رابطا برقرار رکڻ ۽ مستقبل ۾ تعاون جا امڪان ڳولڻ تي اتفاق ڪيو ويو.











