اسلام آباد- 03 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مختلف سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي هائوس بلڊنگ فنانس ڪمپني جي نجڪاري جي لاءِ نجڪاري ڪميشن جي ٻئي مرحلي ۾ وڃڻ جي فيصلي جي توثيق ڪئي. ان کانسواءِ نجڪاري ڪميشن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مختلف سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي هائوس بلڊنگ فنانس ڪمپني جي نجڪاري جي لاءِ نجڪاري ڪميشن جي ٻئي مرحلي ۾ وڃڻ جي فيصلي جي توثيق ڪئي. ان کانسواءِ نجڪاري ڪميشن جي ذريعي اسلام آباد ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ کي پڻ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته لاڳاپيل سرپرست وزارتون ۽ نجڪاري ڪميشن منصفاڻي مارڪيٽ ويليوايشن کي يقيني بڻائين جنهن ۾ اثاثن سان گڏوگڏ مستقبل جا ڪاروباري امڪان پڻ شامل هجن. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته نجڪاري سان نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي فروغ ملندو ۽ ادارا مارڪيٽ جي صورتحال موجب تيزي سان پاڻ کي ان ۾ آڻي سگهندا. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري، وزيراعظم جي خاص معاونين هارون اختر، طارق باجوه، ڪابينا سيڪريٽري، نجڪاري واري سيڪريٽري، لاء ڊويزن واري سيڪريٽري، صنعت واري سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.











