اسلام آباد- 03 فيبروري (اي پي پي) سينيئر صحافي ۽ قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا جي نوجوان فرزند معاذ عبدالله کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم جي جنازي نماز ميڊيا ٽائون ۽ ايڇ اليون قبرستان ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ميان محمد اسلم، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي …
سينيئر صحافي ۽ اي پي پي جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا جو نوجوان فرزند معاذ عبدالله مٽيءَ ماءُ حوالي

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 فيبروري (اي پي پي) سينيئر صحافي ۽ قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا جي نوجوان فرزند معاذ عبدالله کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم جي جنازي نماز ميڊيا ٽائون ۽ ايڇ اليون قبرستان ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ميان محمد اسلم، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي صدر محمد افضل بٽ، نيشنل پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر حاجي نواز رضا سميت صحافين، سياسي ۽ سماجي شخصيتن، اي پي پي جي ملازمن ۽ مائٽن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. 21 سالا معاذ عبدالله فاسٽ يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽر سائنسز جو شاگرد هو جيڪو ڪينسر جي مرض ۾ علاج هيٺ رهڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ قل خواني ۽ قرآن خواني اربع ڏينهن صبح 11 وڳي ميڊيا ٽائون اي بلاڪ جي مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي.











