پي ٽي آءِ باني هڪ سزا يافته قيدي آهي، کيس قانون ۽ جيل قاعدن موجب سموريون طبي ۽ قانوني سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ اڱاري ڏينهن سينيٽ کي ٻڌايو ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو باني هڪ سزا يافته قيدي آهي ۽ کيس قانون ۽ جيل قاعدن جي عين موجب سموريون طبي ۽ قانوني سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. مخالف ڌر اڳواڻ طرفان اٿاريل اعتراض وارن نقطن جو جواب ڏيندي قانون واري وزير چيو ته آئين …

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ اڱاري ڏينهن سينيٽ کي ٻڌايو ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو باني هڪ سزا يافته قيدي آهي ۽ کيس قانون ۽ جيل قاعدن جي عين موجب سموريون طبي ۽ قانوني سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. مخالف ڌر اڳواڻ طرفان اٿاريل اعتراض وارن نقطن جو جواب ڏيندي قانون واري وزير چيو ته آئين هر ماڻهو کي بنيادي حقن جي ضمانت ڏي ٿو، پر انهن حقن لاءِ قانوني طريقيڪار مقرر آهي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي باني کي نيب جي هڪ بدعنواني جي ڪيس ۾ هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل کلي ٻڌڻي کانپوءِ سزا ٻڌائي وئي ۽ هو هن وقت ٻڌڻي هيٺ نه پر سزا يافته قيدي طور پنهنجي سزا ڀوڳي رهيو آهي. اعظم نذير تارڙ ايوان کي ٻڌايو ته اڳوڻو وزيراعظم هڪ ٻي ريفرنس ۾ به سزا يافته آهي جنهن ۾ هڪ زيور جي سيٽ جي گهٽ قيمت ظاهر ڪئي وئي، جيتوڻيڪ ان جي ماليت ڪروڙين روپيا هئي جنهن سان قومي ناڻي کي نقصان پهتو. هن چيو ته تازو ئي اڳوڻي وزيراعظم کي اکين جي علاج لاءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) منتقل ڪيو ويو هو، هن چيو ته پمز اسلام آباد جو هڪ نمايان سرڪاري سطح جو جديد طبي ادارو آهي جتي هڪ ميڊيڪل بورڊ مريض جو معائنو ڪيو، ضروري انجيڪشن لڳائي ۽ علاج ۾ بهتري نوٽ ڪئي وئي. هن چيو ته سڃاڻپ ۽ علاج جا تفصيل پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر طرفان باضابطه پريس بريفنگ ذريعي جاري ڪيا ويا. وفاقي وزير سينيٽ کي خاطري ڪرائي ته جيڪڏهن آئنده ڪنهن به قسم جي وڌيڪ طبي ضرورت پيش آئي ته قانون موجب سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن واضح ڪيو ته وفاقي حڪومت انساني حقن جو مڪمل احترام ڪري ٿي ۽ ڪڏهن ڪنهن قيدي کي علاج کان محروم رکڻ جون ڪي هدايتون جاري نه ڪيون. اعظم نذير تارڙ زور ڀريو ته طبي سهولتون، ملاقاتون يا جيل جي ٻين شرطن بابت ڪنهن به اضافي رليف لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ گهرجي جيڪو ان معاملي ۾ مجاز اپيل فورم آهي.

مزید خبریں