قومي اسيمبلي پاران بلوچستان دهشتگردي خلاف متفقه قرارداد منظور

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي لهر خلاف جامع قرارداد متفقه طور منظور ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ رياست دهشتگردن ۽ سندن پرڏيهي سرپرستن خلاف زيرو ٽالرنس ۽ فيصلائتي ڪارروائي جو واضح اعلان ڪيو آهي. ايوان عورتن کي دهشتگردي لاءِ هٿيار طور استعمال ڪرڻ کي اسلامي ۽ بلوچ قدرن جي ابتڙ قرار ڏيندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سموريون سياسي قوتون نظرياتي …

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي لهر خلاف جامع قرارداد متفقه طور منظور ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ رياست دهشتگردن ۽ سندن پرڏيهي سرپرستن خلاف زيرو ٽالرنس ۽ فيصلائتي ڪارروائي جو واضح اعلان ڪيو آهي. ايوان عورتن کي دهشتگردي لاءِ هٿيار طور استعمال ڪرڻ کي اسلامي ۽ بلوچ قدرن جي ابتڙ قرار ڏيندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سموريون سياسي قوتون نظرياتي اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪري ملڪي سلامتي ۽ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهن. قرارداد ۾ دهشتگردي جي نيٽ ورڪنگ ۾ ملوث پرڏيهي قوتون، خاص ڪري ڀارت جي ناپاڪ ڪردار خلاف سخت رد عمل جو مطالبو به ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري متفقه قرارداد جنهن ۾ سمورين پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جون صحيحون موجود آهن پيش ڪندي چيو ته هي ايوان بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي واقعن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو جنهن ۾ نه رڳو معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو پر عورتن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جهڙا ڪڌي ۽ غير انساني حربا استعمال ڪيا ويا، هي ايوان ان ڳالهه تي گهري ڏک، افسوس ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ته دهشتگرد نيٽ ورڪ عورتن جي استحصال، زبردستي ذهني دٻاءُ ۽ بليڪ ميلنگ ذريعي کين رياست ۽ معاشري خلاف استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو اسلام، پاڪستان ۽ بلوچ قدرن جي سراسر ابتڙ آهي، هي ايوان سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، صوبائي حڪومت ۽ سول انتظاميه جي وقت سر ۽ موثر قدمن کي ساراهي ٿو ۽ شهيدن ۽ زخمين جي وارثن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، هي ايوان واضح ڪري ٿو ته شهري آبادي، عورتن، ۽ ٻارن تي حملا معاف نه ڪرڻ جهڙا ڏوهه آهن ۽ رياست اهڙن عنصرن خلاف زيرو ٽالرنس رکيو آهي ۽ انهن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ڪئي ويندي، هي ايوان ان ڳالهه طرف ڌيان ڇڪرائي ٿو ته ڪيترن ئي واقعن ۾ دستياب ڪرائيم پرڏيهي سرپرستي طرف اشارو ڪن ٿا خاص ڪري هندستان جي ڪردار جي حوالي سان سنجيده خدشا موجود آهن. هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته انهن پرڏيهي اسپانسرڊ ۽ اندروني سهولتڪارن، فنڊنگ، اسمگلنگ ۽ پروپيگنڊا خلاف فوري جارحاڻي، جامع ۽ هنگامي بنيادن تي موثر قومي رد عمل يقيني بڻايو وڃي جنهن ۾ سياسي، سفارتي عسڪري انٽيليجنس قانون ۽ سمورا جيڪي مجاز آهن متحد ٿين ۽ هي عوام ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي ته دهشتگردي خلاف جنگ پوري قوم جي جنگ آهي ان ۾ سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪري هر پارٽي جو قومي اتحاد وقت جي اهم ترين ضرورت آهي ۽ رياست پنهنجي عوام جي تحفظ امن ۽ قومي سلامتي تي ڪنهن به صورت ۾ ڪمپرومائيز نه ڪندي ۽ ان کي يقيني بڻايو ويندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر قرارداد منظوري لاءِ ايوان آڏو رکي، سمورن ميمبر اتفاق راءِ سان قرارداد منظور ڪري ورتي.

مزید خبریں