اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ، نجڪاري ڪميشن (ترميمي) بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ نجڪاري ڪميشن (ترميمي) بل 2025ع کي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ مطابق منظور ڪري ورتو. نجڪاري بابت وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي، ايوان ۾ نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000 ۾ وڌيڪ ترميم لاءِ اهو بل پيش ڪيو. ايوان، شق وار غور کانپوءِ بل منظور ڪري ورتو. ٻئي طرف قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير …
سينيٽ پاران نجڪاري ڪميشن (ترميمي) بل 2025ع منظور

مزید خبریں
اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ، نجڪاري ڪميشن (ترميمي) بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ نجڪاري ڪميشن (ترميمي) بل 2025ع کي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ مطابق منظور ڪري ورتو. نجڪاري بابت وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي، ايوان ۾ نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000 ۾ وڌيڪ ترميم لاءِ اهو بل پيش ڪيو. ايوان، شق وار غور کانپوءِ بل منظور ڪري ورتو. ٻئي طرف قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ هڪ رٿ پيش ڪئي ته اهو بل جنهن تحت وسل بلوئر پروٽيڪشن اينڊ ويجيلنس ڪميشن جي قيام جي فراهمي ڪئي وئي آهي جيڪو سينيٽ مان منظور ٿي قومي اسيمبلي کي موڪليو ويو هو، پر قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي 90 ڏينهن اندر منظور نه ٿي سگهيو، ان کي گڏيل اجلاس ۾ غور هيٺ آندو ويندو. ايوان، رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي.











