بلوچستان جي مسئلن کي مقامي نظر سان ڏسڻو پوندو: حنا رباني کر

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته بلوچستان جي صورتحال ڏهاڪن کان خراب ٿيندي پئي وڃي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پراڻن ٽولز ڇڏي اتي جي مسئلن کي پاڻ بلوچ عوام جي موقف سان ڏسون. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن ٻهراڙي پنجاب، خاص ڪري مظفرڳڙهه ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ …

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته بلوچستان جي صورتحال ڏهاڪن کان خراب ٿيندي پئي وڃي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پراڻن ٽولز ڇڏي اتي جي مسئلن کي پاڻ بلوچ عوام جي موقف سان ڏسون. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن ٻهراڙي پنجاب، خاص ڪري مظفرڳڙهه ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ هيوي انڊسٽري طرفان ماحولياتي قانونن جي سنگين خلاف ورزين ۽ انساني حياتين جي نقصان تي ايوان جو ڌيان ڇڪرايو. حنا رباني کر چيو ته اسان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بلوچستان ۾ هڪ جهڙا طريقا استعمال ڪري رهيا آهيون جنهن سان صورتحال بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿي آهي. هن زور ڀريو ته جيستائين رياست بلوچستان جي عوام جي مسئلن کي انهن جي پنهنجي نظر سان نه ڏسندي، تيستائين ڊگهو حل ممڪن ناهي. حنا رباني کر پنجاب جي ٻهراڙي جي علائقن ۾ قائم هيوي انڊسٽري جي حوالي سان اهم انساني مسئلو اٿاريندي چيو ته لوڪل ايڊمنسٽريشن جي مبينه ڳٺ جوڙ سان انوائرنمينٽل پروٽوڪولز ۽ سيفٽي قانونن جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن، هن انڪشاف ڪيو ته 25 جنوري تي شيخو شگر مل ۾ 2 فائر مين سڙي فوت ٿيا جڏهن ته ٽيون شديد زخمي حالت ۾ اسپتال ۾ زندگي جي جنگ وڙهي رهيو آهي.هن افسوس جو اظهار ڪيو ته هي ڪو پهريون واقعو ناهي پر ان کان اڳ به بوائلرز ڦاٽڻ سبب ڪيتريون ئي فوتگيون ٿي چڪيون آهن. اڳوڻي پرڏيهي وزير ماحولياتي گدلاڻ جي حوالي سان چيو ته صنعتي ڪچري ۽ ٽاسڪ ويسٽ کي سڌي ريت رستن ۽ نالن ۾ اڇليو ويندو آهي، هن ٻڌايو ته بوائلنگ واٽر ۽ زهريلو مواد سم نالن ۾ وهائڻ سبب راهه هلندڙ معصوم ٻار ان ۾ ڪري زندگي وڃائي رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته انڊسٽريل ويسٽ ۽ انوائرنمينٽل قانونن تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي ته جيئن انساني جانين سان کيڏي ويندڙ اها خطرناڪ راند بند ٿي سگهي.

مزید خبریں