اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري صاف لفظن ۾ واضح ڪيو آهي ته بلوچستان ۾ جاري ڪارروايون ڪنهن به صورت ۾ ”آزادي جي جنگ“ نه پر پاڪستان کي معاشي طور تي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازش آهي، بي ايل اي ۽ ٻيون دهشتگرد تنظيمون هڪ خاص مقصد لاءِ بدامني پکيڙي رهيون آهن، انهن جو مقصد رڳو پاڪستان کي ڊي اسٽيبلائز ڪرڻ ۽ ذاتي …
بلوچستان جي بدامني”آزادي جي جنگ“ ناهي پر معاشي ترقي خلاف دهشتگردي آهي: طلال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري صاف لفظن ۾ واضح ڪيو آهي ته بلوچستان ۾ جاري ڪارروايون ڪنهن به صورت ۾ ”آزادي جي جنگ“ نه پر پاڪستان کي معاشي طور تي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازش آهي، بي ايل اي ۽ ٻيون دهشتگرد تنظيمون هڪ خاص مقصد لاءِ بدامني پکيڙي رهيون آهن، انهن جو مقصد رڳو پاڪستان کي ڊي اسٽيبلائز ڪرڻ ۽ ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ آهي جنهن ۾ ماڻهن کان ڀتو وٺڻ، ڦرمار ڪرڻ ۽ اسمگلنگ جهڙي ڪاروبار تي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ شامل آهي. قومي اسيمبلي ۾ بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي لهر تي جاري بحث جو جواب ڏيندي مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته بلوچستان معدنيات سان مالا مال آهي، صرف چاغي ۾ 5 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري شروع ٿي چڪي آهي، ريڪوڊڪ جهڙن منصوبن جو 50 سيڪڙو منافعو سڌي ريت بلوچستان کي ملندو، دهشتگردن جو اصل مقصد ان ترقي کي روڪڻ ۽ اسان جي اسٽريٽجڪ حصيدار چين کي سي پيڪ کان پري ڪرڻ آهي. مملڪتي وزير مخالف ڌر ۽ قوم پرست پارٽين جي ”محرومي“ جي بياني کي رد ڪندي انگ اکر پيش ڪندي ٻڌايو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ بلوچستان جو في ڪس حصو پنجاب کان 40 سيڪڙو وڌيڪ آهي، وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ سڀ کان وڏو حصو بلوچستان جو رکيو ويندو آهي. هن ٻڌايو ته قيام پاڪستان جي وقت صرف 114 اسڪول هئا، اڄ 15600 کان وڌيڪ اسڪول آهن، تڏهن هڪ به يونيورسٽي يا ميڊيڪل ڪاليج نه هو، اڄ 12 يونيورسٽيز ۽ 5 ميڊيڪل ڪاليجز آهن، سڄي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ 13 ڪيڊٽ ڪاليجز بلوچستان ۾ آهن. هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن هي حقن جي جنگ آهي ته دهشتگرد عام ماڻهو جي سهولت لاءِ بڻيل اسڪول، اسپتال، بئنڪ، ريلوي ۽ هاءِ ويز کي ڇو نشانو بڻائيندا آهن؟ هي حقن جي جنگ ناهي پر حقن تي ڌاڙو آهي. گم ٿيل ماڻهن جي معاملن تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جي شرح ٻين ملڪن جي ڀيت ۾ تمام گهٽ آهي ۽ ڪميشن وٽ 2500 کان به گهٽ ڪيسز آهن. هن چيو ته ماڻهو پاڻ ڏوهن سبب روپوش ٿي جبلن ڏانهن هلياويندا آهن ۽ ان کي ”مسنگ پرسنز“ جو نالو ڏئي رياست کي بدنام ڪيو ويندو آهي. مخالف ڌر جي تنقيد جو جواب ڏيندي طلال چوڌري چيو ته گهرو وزير محسن نقوي ان وقت ڪوئيٽا جي گهٽين ۾ موجود هو جڏهن آپيرشن هلي رهيو هو، هن فرنٽ لائن تي وڃي فورسز جي حوصلا افزائي ڪئي. جعفر ايڪسپريس جهڙي افسوسناڪ واقعي جي فورن بعد وزيراعظم ۽ عسڪري قيادت ڪوئيٽا پهتي، سموري سياسي قيادت کي ان ڪئميرا بريفنگ ڏني وئي ۽ سڀني کي اعتماد ۾ ورتو ويو. طلال چوڌري چيو ته رياست پنهنجي رٽ تي ڪو به ٺاهه نه ڪندي ۽ سمورين سياسي پارٽين کي ان قومي مسئلي تي متحد ٿي دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻو پوندو.











