سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر پاران سينئر صحافي عبدالجبار ذڪريا جي پٽ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر، سينئر صحافي ۽ قومي خابرو اداري اي پي پي جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا جي پٽ معاذ عبدالله جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي چيو ته معاذ عبدالله جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو. هن چيو …

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر، سينئر صحافي ۽ قومي خابرو اداري اي پي پي جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا جي پٽ معاذ عبدالله جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي چيو ته معاذ عبدالله جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هو سوڳوار خاندان جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهي. وقتي چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي اهو ناقابل تلافي نقصان صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

مزید خبریں