اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزارت جي سهڪار سان سعودي عرب جي اعليٰ سطحي وفد پاڪستان جي مشهور فارماسيوٽيڪل ۽ ويڪسين تيار ڪندڙ ڪمپنين جي نمائندن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ويڪسين تيار ڪندڙ ڪمپنين جا مالڪ به شريڪ هئا. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان موجب سعودي وفد پاڪستان جي ويڪسين سازي جي صلاحيتن، فارماسيوٽيڪل انڊسٽري جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ پيداواري معيار کي …
پاڪستان ۽ سعودي عرب ويڪسين جي شعبي ۾ پاڻڀرا ٿي سگهون ٿا: صحت وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزارت جي سهڪار سان سعودي عرب جي اعليٰ سطحي وفد پاڪستان جي مشهور فارماسيوٽيڪل ۽ ويڪسين تيار ڪندڙ ڪمپنين جي نمائندن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ويڪسين تيار ڪندڙ ڪمپنين جا مالڪ به شريڪ هئا. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان موجب سعودي وفد پاڪستان جي ويڪسين سازي جي صلاحيتن، فارماسيوٽيڪل انڊسٽري جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ پيداواري معيار کي ساراهيندي اطمينان جو اظهار ڪيو. وفد پاڪستان حڪومت طرفان صحت جي شعبي ۾ متعارف ڪرايل انقلابي قدمن ۽ موجوده سازگار بزنس انوائرمنٽ جي به واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي سعودي وفد چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل تعاون ذريعي ويڪسين جي شعبي ۾ پاڻڀرا ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته صحت جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي ڀائيواري خطي لاءِ هڪ مثال ثابت ٿيندي. صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته مقامي سطح تي ويڪسين جي تياري سان قيمتي مٽاسٽا جي ناڻي جي بچت ممڪن ٿيندي ۽ پاڪستان صحت جي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ طرف تيزي سان گامزن آهي. هن چيو ته حڪومت مقامي ويڪسين جي پيداواري صلاحيت حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن عملي قدمن کي يقيني بڻائي رهي آهي. صحت واري وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تعاون سان ويڪسين سازي جي شعبي ۾ پائيدار ترقي کي هٿي ملندي ۽ عوام کي معياري ۽ سستي صحت جي سهولتن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي.











