اسلام آباد- 03 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ انٽرنيشنل افيئرز پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان يو اي اي ۽ ڪئناڊا جي عهديدارن بشمول غلام مصطفيٰ مغل چيئرمين مسلم ليگ (ن) يو اي اي، پير عدنان بودله هيڊ ميڊيا مسلم ليگ (ن) ڪئناڊا، راجا محمد شفيق نائب وزير مسلم ليگ (ن) ڪئناڊا ۽ ٻين اورسيز اڳواڻن ملاقات ڪئي جنهن ۾ …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان مسلم ليگ (ن) يو اي اي ۽ ڪئناڊا جي عهديدارن جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ انٽرنيشنل افيئرز پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان يو اي اي ۽ ڪئناڊا جي عهديدارن بشمول غلام مصطفيٰ مغل چيئرمين مسلم ليگ (ن) يو اي اي، پير عدنان بودله هيڊ ميڊيا مسلم ليگ (ن) ڪئناڊا، راجا محمد شفيق نائب وزير مسلم ليگ (ن) ڪئناڊا ۽ ٻين اورسيز اڳواڻن ملاقات ڪئي جنهن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل پاڪستان مسلم ليگ (ن) انوشه رحمان پڻ شرڪت ڪئي. جاري بيان موجب ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن نائب وزيراعظم کي آپريشن بنيان مرصوص ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اوورسيز پاڪستاني سبز پاسپورٽ جي عزت کي بحال ڪرائڻ ۾ وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم جا ٿورائتا آهن. شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي سلامتي ۽ بهتري جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم جي معاشي ۽ سفارتي معاملن ۾ کنيل قدمن کي ساراهيو. ان موقعي تي راجا محمد شفيق آزاد سفارتي معاملن ۾ کنيل قدمن کي ساراهيو. ان موقعي تي راجا محمد شفيق آزاد ڪشمير ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ڪتاب پڻ پيش ڪئي. نائب وزيراعظم وفد جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته اوورسيز پاڪستاني اسان جو فخر ۽ اثاثو آهن ۽ اسان انهن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته دنيا جا ڪيترائي ملڪ هن وقت پاڪستان سان واپاري ۽ سفارتي لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ ڪششون ڪري رهيا آهن، 9 مئي جي شاندار فتح الله رب العزت جي اسان پاڪستانين تي خاص مهرباني آهي جنهن کانپوءِ پاڪستان کي دنيا ۾ تمام گهڻي عزت ملي جنهن جو جيترو به شڪر ادا ڪريون گهٽ آهي.











