قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، ٻه طرفن لاڳاپن، اهم پارلياماني ۽ علائقائي معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان گذريل ڏينهن برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ اهم پارلياماني ۽ علائقائي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. اسپيڪر برطانيه جي سفارتڪار سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان برطانيا سان پنهنجي تاريخي ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن چيو ته مخالف ڌر جي سمورن …

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان گذريل ڏينهن برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ اهم پارلياماني ۽ علائقائي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. اسپيڪر برطانيه جي سفارتڪار سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان برطانيا سان پنهنجي تاريخي ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن چيو ته مخالف ڌر جي سمورن ميمبرن سان خوشگوار لاڳاپا آهن ڇاڪاڻ ته هي قومي اسيمبلي جو هڪ اهم جز آهي. اسپيڪر پاڪستان ۾ پارلياماني ڪميٽين جي نظام کي فعال بڻائڻ ۾ برطانيه جي سهڪار جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته قومي اسيمبلي جون سموريون اسٽينڊنگ ڪميٽيون مڪمل طور تي فعال آهن. پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي جو شڪار آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. اسپيڪر چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ پارلياماني ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ جي ضرورت آهي ۽ چيو ته پارلياماني ۽ عوامي رابطن کي هٿي وٺائڻ سان ٻنهي قومن وچ ۾ هم آهنگي ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ عالمي چئلينج آهي، پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ برطانيه پاران سهڪار سٺو سئوڻ آهي. پاڪستان جي پارليامينٽ ۾ عورتن جي حقن ۽ ڀلائي لاءِ خاص جينڊر مين اسٽريمنگ ڪميٽي ۽ وومينز پارليامينٽري ڪاڪس فعال ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ ٻارن جي حقن بابت پارلياماني ڪاڪس به قائم ڪيو ويو آهي. برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ اسپيڪر سردار اياز صادق جي سمورن ميمبرن کي بنا فرق ساڻ کڻي هلڻ واري عمل جي تعريف ڪئي ۽ پاڪستان لاءِ خيرسگالي وارن جذبن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں